Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 2:43 - Muslim Sindhi Bible

43 اهي گھراڻا جيڪي هيڪل جا خدمتگار هئا ۽ جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، سي هي هئا: بني ضيحا، بني حُسوفا، بني طبعوت،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 نتينيم: بني ضيحا، بني حسوفا، بني طبعوت؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 2:43
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بني اسرائيل ۾ سڀني کان پهريائين جيڪي پنهنجن شهرن ۽ پنهنجي ملڪيتن تي موٽي آيا، تن ۾ ڪاهن، لاوي ۽ هيڪل جا خدمتگار بہ شامل هئا.


۽ بني سلوم، بني اِطير، بني طلمون، بني عقوب، بني خطيطا ۽ بني سوبي جيڪي هيڪل جا دربان هئا، تن جو تعداد هڪ سؤ اوڻيتاليهہ هو.


بني قُروس، بني سيعها، بني فدون،


هيڪل جي خدمتگارن ۽ سليمان جي نوڪرن جي اولاد جو ڪل تعداد ٽي سؤ ٻيانوي هو.


سو ارتخششتا شهنشاهہ جي شاهيءَ جي ستين سال ڪجھہ بني اسرائيل جن ۾ ڪاهن، لاوي، هيڪل جا ڳائڻا، دربان ۽ خدمتگار شامل هئا، سي پڻ عزرا سان گڏ يروشلم ۾ آيا.


مون انهن کي ڪسيفيا ۾ رهندڙ اِدو اڳواڻ ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اِدو ۽ سندس لاوي ڀائر جيڪي هيڪل جا خدمتگار آهن، تن کي اهو عرض ڪن تہ اسان جي خدا جي گھر لاءِ ڪي خدمتگار موڪلين.


هو هيڪل جي خدمتگارن مان ٻہ سؤ ويهہ ڄڻا پڻ وٺي آيا جن جي ابن ڏاڏن کي دائود ۽ ان جي عملدارن لاوين جي مدد لاءِ مقرر ڪيو هو. سڀني جا نالا درج ٿيل هئا.


اسين سڀيئي ماڻهو، ڪاهن، لاوي، هيڪل جا دربان، ڳائڻا ۽ خدمتگار ۽ اُهي سڀ ماڻهو جن خدا جي شريعت خاطر پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين قومن کان پاڻ کي ڌار ڪيو آهي، اسان جون زالون، پٽ، ڌيئرون، پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿي پنهنجي عقل ۽ هوش حواس سان قسم تي چئون ٿا ۽ لکي ٿا ڏيون ۽ جيڪڏهن انهيءَ اقرار جي ڀڃڪڙي ڪريون تہ اسان تي لعنت هجي. ”اسين خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جيڪا خدا جي ٻانهي موسيٰ جي معرفت ڏني ويئي آهي. اسين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي مڃينداسون ۽ انهن تي عمل ڪنداسون.


هيڪل جا خدمتگار يروشلم ۾ عوفل ٽڪريءَ تي رهندا هئا ۽ ضيحا ۽ جِسفا مٿن نگران مقرر هئا.


ڪي ڪاهن، لاوي، هيڪل جا خدمتگار ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد ۽ ڪجھہ ٻيا بني اسرائيل پنهنجين پنهنجين ملڪيتن تي يهوداہ جي مختلف شهرن ۾ رهندا هئا. يهوداہ جا جيڪي اڳواڻ پنهنجي پنهنجي گھراڻي سميت يروشلم ۾ رهندا هئا سي هي آهن.


۽ خداوند جي گھر جا خدمتگار جيڪي عوفل ٽڪريءَ تي رهندا هئا، تن اوڀر طرف پاڻيءَ واري دروازي ۽ ٻاهر نڪتل ٺُلهہ جي سامهون تائين ڀت جي تعمير ڪئي.


تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ. بني اسرائيل منجھان اهي سندن خدمت واسطي ئي کين ڏنا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ