جڏهن رازا خداوند جي گھر جو بنياد وجھي رهيا هئا تڏهن ڪاهن پنهنجيون پوشاڪون پهري شرناين سان ۽ لاوي جيڪي آسف جو اولاد هئا، سي ٽلين سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خداوند جو حمد ڪرڻ لاءِ اُٿي بيٺا، جيئن بني اسرائيل جي بادشاهہ دائود ترتيب مقرر ڪئي هئي.
متنياہ ولد ميڪا ولد زبدي جيڪو آسف جي اولاد مان هو ۽ متنياہ جيڪو شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ ڳائڻن جي اڳواڻي ڪندو هو، بقبوقياہ جيڪو پنهنجي ساٿين مان متنياہ کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو ۽ عبدا ولد سموع ولد جلال جيڪو يدوتون جي اولاد مان هو.