عزرا 2:1 - Muslim Sindhi Bible1 بابل صوبي ۾ رهندڙ جلاوطن، جن جي وڏن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو هو، سي سڀ يروشلم شهر ۽ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ موٽي آيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 هاڻي انهيءَ پرڳڻي جا ماڻهو، جي قيد ٿي ويلن مان موٽي ويا، ۽ جن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر بابل ۾ وٺي ويو هو، ۽ جي سڀ موٽي يروشلم ۾ يهوداہ ۾ پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن انهيءَ ئي مهل شاهي منشين کي گھرايو ويو. اها ٽئين مهيني يعني سَيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ هئي. هنن مردڪئيءَ جا سمورا حڪم هندستان کان وٺي سوڊان ملڪ جي يهودين، گورنرن، حاڪمن ۽ صوبن جي عملدارن ڏانهن موڪلي ڏنا. اهي حڪم شهنشاهت جي سڀني هڪ سؤ ستاويهہ صوبن ڏانهن هر هڪ قوم جي رسمالخط ۽ ٻوليءَ ۾ ۽ يهودين ڏانهن سندن رسمالخط ۽ ٻوليءَ ۾ پڻ لکيا ويا.