عزرا 10:8 - Muslim Sindhi Bible8 عملدارن ۽ اڳواڻن فيصلو ڪيو تہ جيڪو ٽن ڏينهن اندر اچي حاضر نہ ٿيندو تنهن جي سڄي ملڪيت ضبط ڪئي ويندي ۽ کيس موٽي آيلن جي جماعت مان خارج ڪيو ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 ۽ جيڪو اميرن ۽ بزرگن جي صلاح موجب ٽن ڏينهن جي اندر نہ ايندو، تنهن جو سڀ مال ملڪيت ضبط ٿيندو، ۽ اهو پاڻ قيد مان آيلن جي جماعت کان ڌار ڪيو ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ دوران بني اسرائيل پنهنجي همقوم بني بنيامين لاءِ هر هر ڏاڍو افسوس ڪندي پئي چيو تہ ”اڄ بني اسرائيل مان هڪ قبيلو ڪٽجي ويو آهي. پر جيڪي باقي بچيا آهن هاڻي تن کي پرڻائڻ جي باري ۾ اسين ڇا ڪريون؟ اسان تہ خداوند جو قسم کنيو آهي تہ اسين پنهنجيون ڌيئرون هنن کي پرڻائي نہ ڏينداسين.“ جيئن تہ هنن پڪو قسم کڻي چيو هو تہ ”جيڪو بہ خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر نہ ٿيندو تنهن کي ضرور ماريو ويندو.“
پوءِ هن ڏاندن جي هڪڙي جوڙي کي ڪهي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اهي ٽڪرا هن قاصدن جي هٿان بني اسرائيل جي سڀني قبيلن ڏانهن ڏياري موڪليا ۽ کين چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو سائول ۽ سموئيل جي پٺيان نڪري نہ ايندو تنهن جي ڏاندن جو بہ اهو ئي حال ڪيو ويندو.“ تڏهن ماڻهن ۾ خداوند جو خوف اچي پيو، سو اهي سڀيئي گڏجي هڪ ٿي سائول ڏانهن روانا ٿيا.