Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 10:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ عزرا خدا جي گھر وٽان روانو ٿيو ۽ يهوحانان ولد الياسب جي ڪوٺيءَ ۾ رات رهيو. جيستائين هو اتي هو تيستائين نہ ڪجھہ کاڌائين ۽ نہ وري ڪجھہ پيتائين، ڇاڪاڻ تہ هن جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن جي گناهہ تي سوڳ پئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تڏهن عزرا خدا جي گهر جي اڳيان اُٿيو، ۽ يهوحانا بن الياسب جي ڪوٺيءَ ۾ آيو: ۽ جڏهن هو اتي آيو تڏهن نڪا ماني کاڌائين، نڪو پاڻي پيتائين: ڇالاءِ جو قيد مان آيلن جي گناهہ ڪري هن کي گهڻو ڏک هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 10:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن وقت عزرا خدا جي گھر اڳيان گوڏا کوڙي روئندي دعا پئي گھري ۽ گناهہ پئي باسيا، تنهن وقت هن جي چوڌاري بني اسرائيل جي مردن، عورتن ۽ ٻارن جو هڪ وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو. اهي بہ زاروزار روئڻ لڳا.


پوءِ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ سڀني موٽي آيلن لاءِ اعلان ڪيو ويو تہ هو اچي يروشلم ۾ گڏ ٿين.


تڏهن اهي جيڪي بني اسرائيل جي خدا جي حڪمن کان ڏڪيا ٿي، سي سڀ جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن جي انهيءَ گناهہ جي ڪري مون وٽ اچي گڏ ٿيا. آءٌ شام جي قربانيءَ تائين پريشان رهيس.


سردار ڪاهن يشوع يويقيم جو پيءُ هو، يويقيم الياسب جو پيءُ هو، الياسب يويدع جو پيءُ هو،


الياسب، يويدع، يوحنان ۽ يدوع پنهنجي پنهنجي ڏينهن ۾ لاوي گھراڻن جا وڏا لکيا ويا. دارا فارسيءَ جي شهنشاهت ۾ ڪاهنن جي وڏن جو پڻ اندراج ڪيو ويو.


سردار ڪاهن يويدع ولد الياسب جي پٽن مان هڪڙي پٽ سنبلط حورونيءَ نالي ڌارئي ماڻهوءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. مون انهيءَ کي پنهنجي قوم مان خارج ڪري ڇڏيو.


تنهن طوبياہ کي رهڻ لاءِ انهن گودامن مان هڪڙي وڏي ڪوٺي ڏني. اها ڪوٺي هيڪل جي سامان رکڻ لاءِ مقرر هئي يعني اناج جون قربانيون، لوبان، خدا جي گھر جا ٿانوَ، اَناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جا ڏهان حصا، جيڪي مقرر طريقي موجب لاوين، هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبا هئا. انهيءَ کان علاوہ اتي ڪاهنن لاءِ گڏ ڪيل چندا پڻ رکيا ويندا هئا.


سردار ڪاهن الياسب پنهنجي ساٿي ڪاهنن سان گڏجي اتر واري ڀت جو رڍن وارو دروازو وري تعمير ڪيو. هنن انهيءَ کي وقف ڪيو ۽ انهيءَ ۾ طاق لڳايائون. هنن ڀت کي سؤ نالي ٺُلهہ ۽ حنن‌ايل ٺُلهہ تائين وقف ڪيو.


انهيءَ کان پوءِ باروڪ ولد زبي وراڻي کان وٺي الياسب سردار ڪاهن جي گھر جي در تائين دل وَ جان سان ڀت جي حصي جي مرمت ڪئي.


مون سندس حڪمن کان ڪڏهن منهن نہ موڙيو آهي، آءٌ پنهنجي خواهشن کي ڇڏي سندس مرضيءَ تي هليو آهيان.


گاهہ وانگر منهنجي اميد بہ ڪومائجي سُڪي ويئي آهي، ايتري قدر جو ماني کائڻ تي بہ دل نہ ٿي ڪري.


موسيٰ خداوند وٽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون رهيو، پر اتي نڪي ماني کاڌائين ۽ نہ پاڻي پيتائين. اتي هن ٻنهي تختين تي انهيءَ عهد واريون ڳالهيون يعني ڏهہ حڪم لکيا.


انهيءَ وقت خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي روئڻ رڙڻ، ۽ سوڳ طور مٿي جا وار ڪوڙائڻ ۽ کٿو ڍڪڻ جو حڪم ڏنو.


سو مون پنهنجو منهن خداوند خدا ڏانهن ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ سندس راضپي لاءِ روزو رکي، کٿو ڍڪي ۽ خاڪ تي ويهي کانئس دعا گھران ۽ کيس منٿ ڪريان.


انهيءَ سبب جو جيڪو ڪم خداوند جي نظر ۾ بڇڙو هو سو ڪري اوهان کيس ڪاوڙايو هو. سو اوهان جي انهيءَ وڏي گناهہ جي ڪري آءٌ اڳي وانگر چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خداوند جي آڏو سجدي ۾ پيو هئس، مون نڪا ماني کاڌي، نڪي پاڻي پيتم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ