Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 10:44 - Muslim Sindhi Bible

44 اهي سڀيئي ڌاريون عورتون پرڻيا هئا. سو هنن انهن عورتن کي سندن اولاد سميت گھران ڪڍي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 اهي سڀيئي ڌاريون زالون پرڻيا هئا: ۽ ڪن کي اهڙيون زالون هيون جن مان اولاد هونِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 10:44
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ سليمان فرعون جي ڌيءَ کان سواءِ ٻين بہ گھڻين ڌارين عورتن سان پيار ڪندو هو جن ۾ موآبي، عموني، ادومي، صيداني ۽ حتي عورتون شامل هيون.


تنهنڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان هي عهد ڪريون تہ اسين اهي سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي سو تو اسان جي آقا ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪمن کان ڊڄن ٿا تن جي صلاح سان ڪڍي ڇڏيون. اهو سمورو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي.


هنن پاڻ ۽ پنهنجي پٽن کي سندن ڌيئرون پرڻايون آهن ۽ خدا لاءِ مخصوص نسل کي غير قومن سان ڳنڍي ڇڏيو اٿن. انهيءَ گناهہ ۾ اڳواڻن ۽ وڏن جو گھڻو هٿ آهي.“


اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ اوهان کي بدڪار عورت کان بچائيندي. هائو، انهيءَ گنهگار عورت کان، جيڪا اوهان کي بدڪاريءَ لاءِ پيار وچان سڏي ٿي.


اي منهنجا ٻارؤ! اوهين ڪنهن ٻئي جي زال تي مست نہ ٿيو. هائو، جيڪا پنهنجي مڙس سان ئي وفادار ناهي تنهن کي ڀاڪر نہ وجھو.


غير عورت جي چپن ۾ ماکيءَ جهڙو مٺاس هوندو آهي ۽ سندس منهن تيل کان بہ وڌيڪ سڻڀو لڳندو آهي. پر اوهين ٻئي ماڻهوءَ جي زال جي ورغلائڻ ۾ نہ اچجو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ