20 ڪاهنن مان هي بہ هئا: امير جي اولاد مان حناني ۽ زبدياہ،
20 ۽ امير جي پٽن مان؛ حناني ۽ زبدياہ.
پندرهون بلجاہ، سورهون امير،
انهن پڪو واعدو ڪيو تہ هو پنهنجيون زالون ڪڍي ڇڏيندا ۽ پنهنجي انهيءَ گناهہ لاءِ انهن مان هر هڪ پنهنجي ڌڻ مان هڪ گھٽو قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪندو.
حارم جي اولاد مان معسياہ، الياہ، سمعياہ، يحيايل ۽ عُزياہ،
ڪاهنن جا گھراڻا جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، تن جي ماڻهن جو تعداد هن طرح هو: يدعياہ جو اولاد يعني يشوع جي گھراڻي جا نوَ سؤ ٽيهتر ماڻهو هئا،
اِمير جي گھراڻي جا هڪ هزار ٻاونجاهہ ماڻهو هئا،
۽ حارم جي گھراڻي جا هڪ هزار سترهن ماڻهو هئا.
تڏهن يشوع ولد يوصدق ۽ سندس ٻيا ساٿي ڪاهن، زربابل ولد سالتيايل ۽ سندس قوم وارا اٿيا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ تعمير ڪرڻ لڳا تہ جيئن انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، جيئن خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.