Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 10:19 - Muslim Sindhi Bible

19 انهن پڪو واعدو ڪيو تہ هو پنهنجيون زالون ڪڍي ڇڏيندا ۽ پنهنجي انهيءَ گناهہ لاءِ انهن مان هر هڪ پنهنجي ڌڻ مان هڪ گھٽو قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ انهن پنهنجو هٿ ڏنو تہ پنهنجون زالون ڪڍي ڇڏيندا، ۽ ڏوهاري هئڻ ڪري، پنهنجي ڏوهہ لاءِ ڌڻ مان هڪڙو گهٽو قرباني ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 10:19
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ييهو اتان روانو ٿيو ۽ رستي ۾ کيس يهوناداب ولد ريڪاب گڏيو، جيڪو سندس استقبال ڪرڻ لاءِ آيو پئي. ييهوءَ کيس کيڪاريندي چيو تہ ”جيئن منهنجي دل تو سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل بہ مون سان آهي يا نہ؟“ يهوناداب وراڻيس تہ ”بلڪل آهي.“ تڏهن ييهوءَ کيس چيو تہ ”جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ مون کي پنهنجو هٿ ڏي.“ هن کيس هٿ ڏنو ۽ ييهوءَ کيس ڇڪي پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ ويهاريو.


سڀني اڳواڻن، فوجي سالارن ۽ بادشاهہ دائود جي سڀني پٽن سندس اطاعت جو عهد ڪيو.


هاڻي پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر پنهنجن ڳاٽن کي اوچو نہ ڪريو، بلڪ خداوند جي آڏو جھڪو. اوهين انهيءَ مقدس هيڪل وٽ اچو جيڪا هن هميشہ پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي آهي. خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو تہ جيئن هن جي سخت ڪاوڙ اوهان تان ٽري وڃي.


ڪاهنن مان هي بہ هئا: امير جي اولاد مان حناني ۽ زبدياہ،


اسان جيئري رهڻ ۽ کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي مصرين ۽ اشورين ڏانهن معاهدي لاءِ پنهنجو هٿ ڊگھيريون ٿا.


تنهنڪري جڏهن هو گناهہ ڪري ڏوهاري ٿيو آهي، تہ پوءِ جيڪي ڦريو اٿائين، يا جيڪي ٺڳيءَ سان ورتو اٿائين، يا جيڪا امانت وٽس رکيل آهي يا جيڪا گم ٿيل شيءِ لڌي اٿائين،


ان کان علاوہ هو پنهنجي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ ڌڻ مان ايتري قيمت جو هڪڙو بي‌عيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي ڪاهن وٽ پيش ڪري، جيتري قيمت جو مقرر ڪرڻ گھرجي.


سو انهن جڏهن انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو تہ خدا سچ پچ مون کي خدمت ڪرڻ جو فضل عطا ڪيو آهي، تڏهن انهن جي طرفان يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا هئا، تن برنباس ۽ مون سان هٿ ملائي پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ هڪ راءِ ٿياسين تہ اسين غير يهودين ۾ خدمت ڪريون ۽ هو يهودين ۾.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ