Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 10:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اهڙيءَ طرح جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن ائين ئي ڪيو جيئن رٿ ڏني ويئي هئي. عزرا ڪاهن گھراڻن جي ڪن وڏن کي سندن گھراڻن مطابق نالي وار چونڊيو. اُهي ان معاملي جي جاچ ڪرڻ لاءِ ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ تي اچي گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 پر قيد مان آيلن ائين ئي ڪيو، ۽ عزرا ڪاهن اباڻي گهراڻن جي ڪن رئيسن سان گڏ، سندن ابن جي گهراڻن موجب، ناليوار انهن کي ڌار ڪيو؛ ۽ اُهي هن ڳالهہ جي چڪاس ڪرڻ لاءِ ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ ويٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 10:16
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مسلام ۽ سبتي لاويءَ جي حمايت سان يونتن ولد عساهيل ۽ يحازياہ ولد تقوہ انهيءَ ڳالهہ جي مخالفت ڪئي. انهن کان سواءِ ٻين سڀني اها رٿ قبول ڪئي.


پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ تائين انهن سڀني ماڻهن جي فهرست تيار ڪئي جن ڌاريون عورتون پرڻيون هيون.


محتاجن جي آءٌ پيءُ وانگر سار سنڀال لهندو هئس، ۽ جن کي آءٌ سڃاڻيندو ئي نہ هئس، عدالت ۾ تن جي بہ حقن جي حفاظت ڪندو هئس.


”شريعت موجب اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڏوهاري قرار ڏيئي نہ ٿا سگھون، جيستائين اسين پاڻ سندس ڳالهيون ٻڌون ۽ خبر پوي تہ هو ڇا ٿو ڪري.“


جڏهن اوهين ڪا اهڙي ڳالهہ ٻڌو تڏهن انهيءَ جي تحقيقات ۽ جاچ ڪجو ۽ چڱيءَ طرح پڇا‌ڳاڇا ڪجو. جيڪڏهن اها سچي ۽ يقيني ڳالهہ هجي تہ اوهان جي وچ ۾ ڪو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي،


تہ پوءِ اوهين ضرور انهيءَ شهر جي رهاڪن کي تلوار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏجو. اوهين انهيءَ شهر کي ۽ جيڪي بہ منجھس هجن، تن سڀني کي چوپائي مال سميت تلوار جي ڌار سان نيست وَ نابود ڪري ڇڏجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ