Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 10:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تنهنڪري اسان سڀني جي ترجماني اسان جا اڳواڻ ڪن. پوءِ اسان مان جن جن ماڻهن ڌاريون عورتون پرڻيون آهن، سي مقرر ڪيل وقت تي اچن ۽ انهن سان پنهنجي پنهنجي شهر جا اڳواڻ ۽ جج بہ ساڻ هجن. اهڙيءَ طرح هن معاملي جي ڪري خدا جي جيڪا ڪاوڙ اسان تي آهي سا ٽري ويندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 هاڻي سڄيءَ جماعت لاءِ اسان جا سردار مقرر ٿين، ۽ اسانجن شهرن ۾ جن جن ماڻهن ڌاريون زالون پرڻيون آهن، سي ٺهرايل وقتن تي اچن، ۽ ساڻن گڏ سڀ ڪنهن شهر جا بزرگ ۽ قاضي بہ اچن، جيستائين اسان جي خدا جي ڪاوڙ اسان تان ٽري وڃي، ۽ هي ڪم پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 10:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ خداوند جي وڏي ڪاوڙ جو جوش اڃا جھڪو نہ ٿيو، جيڪا يهوداہ تي ڀڙڪي هئي، ڇاڪاڻ تہ منسي بادشاهہ پنهنجي گھڻن ئي بڇڙن ڪمن سان هن کي ڏاڍو ڪاوڙايو هو.


سو منهنجي ڳالهہ ڌيان سان ٻڌو! پنهنجي هم‌قوم وارن کي موٽائي سندن ملڪ ڏانهن موڪليو جن کي اوهين قيد ڪري وٺي آيا آهيو، نہ تہ خداوند جو غضب اوهان تي نازل ٿيڻ وارو آهي.“


هاڻ منهنجو ارادو آهي تہ اسين خداوند، بني اسرائيل جي خدا سان هڪڙو عهد ڪريون تہ من سندس قهر اسان تان ٽري وڃي.


هاڻي پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر پنهنجن ڳاٽن کي اوچو نہ ڪريو، بلڪ خداوند جي آڏو جھڪو. اوهين انهيءَ مقدس هيڪل وٽ اچو جيڪا هن هميشہ پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي آهي. خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو تہ جيئن هن جي سخت ڪاوڙ اوهان تان ٽري وڃي.


پر جيئن تہ هتي ماڻهو تمام گھڻا آهن ۽ برسات پيئي پوي، تنهنڪري اسين ٻاهر بيهي نہ ٿا سگھون. ٻيو تہ اهو ڪم هڪڙي يا ٻن ڏينهن جو ناهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ معاملي جي ڪري اسان ڏوهارين جو انگ گھڻو آهي.


مسلام ۽ سبتي لاويءَ جي حمايت سان يونتن ولد عساهيل ۽ يحازياہ ولد تقوہ انهيءَ ڳالهہ جي مخالفت ڪئي. انهن کان سواءِ ٻين سڀني اها رٿ قبول ڪئي.


پر جيئن تہ خدا رحيم آهي، سو انهن جا گناهہ معاف ٿي ڪيائين. هن بار بار پنهنجي غصي کي روڪيو ٿي، ۽ پنهنجي غضب کي وڌڻ ڪين ٿي ڏنائين. اهڙيءَ طرح هن انهن کي برباد ٿيڻ نہ ڏنو.


انهيءَ وقت هر ڪو ماڻهو ڳائي چوندو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اڳ تون مون کان ناراض هئين، تہ بہ هاڻي تنهنجي ڪاوڙ مون تان لهي ويئي آهي، ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀني اڳواڻن کي پڪڙي منهنجي اڳيان کين ڏينهن ڏٺي جو ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏ، تہ جيئن مون خداوند جو غضب بني اسرائيل تان ٽري وڃي.“


برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل انهن شين منجھان ڪابہ شيءِ اوهان وٽ نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند کي اوهان تي جيڪا خوفناڪ ڪاوڙ آهي، تنهن کان هو مڙي وڃي ۽ اوهان تي رحم ڪري ۽ مهربان ٿئي. پوءِ جيئن هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي تيئن هو اوهان کي وڌائي.


پوءِ انهن ڏينهن ۾ اتي مقرر ٿيل ان جج ۽ لاوي ڪاهنن کي وڃي اهي ڳالهيون ٻڌائجو. هو اوهان کي فيصلو ڪري ٻڌائيندا.


هنن انهيءَ جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين اتي موجود آهي. انهيءَ ڪري اها ماٿري اڄ ڏينهن تائين عڪور جي نالي سان سڏجي ٿي. پوءِ خداوند بني اسرائيل تان پنهنجو غضب هٽايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ