عزرا 1:7 - Muslim Sindhi Bible7 انهيءَ کان سواءِ خورس شهنشاهہ بہ خداوند جي گھر جا اهي ٿانوَ جيڪي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم مان کڻائي پنهنجي معبودن جي گھر ۾ آڻي رکيا هئا، سي هو اتان ڪڍي کڻائي آيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 خورس بادشاهہ بہ خداوند جي گهر جا اُهي باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم مان ڪڍي آندا هئا؛ ۽ پنهنجن معبودن جي گهر ۾ رکيا هئائين، سي ڪڍي آندا؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.