Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 1:6 - Muslim Sindhi Bible

6 انهن جي سڀني پاڙيسرين چاندي ۽ سون جي شين ۽ ٻين قيمتي شين، سيڌي سامان، ضروري استعمال جي شين ۽ جانورن سان سندن مدد ڪئي. انهن شين کان علاوہ کين خداوند جي گھر لاءِ نذرانا بہ ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ ٻيا جيڪي انهن جي آس پاس هئا، تن چانديءَ جي باسڻن، ۽ سون، ۽ مال متاع، ۽ جانورن ۽ قيمتي شين سان هنن کي مدد ڏيئي مضبوط ڪيو، ۽ انهيءَ کانسواءِ دل جي خوشيءَ جا نذرانا بہ ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 1:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن پنهنجي اڳواڻن جي رضامنديءَ سان نذرانا ڏيڻ تي ماڻهن خوشيون ڪيون، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي پوريءَ دل ۽ رضا خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ ڏنو. دائود بادشاهہ بہ ڏاڍو سرهو ٿيو.


جيڪڏهن سندس قوم مان ڪوبہ جلاوطن ٿيل شخص وطن موٽي اچڻ لاءِ مدد جو گھرجائو هجي تہ سندس اتي جي پاڙيسرين کي گھرجي تہ چاندي، سون، سيڌي سامان ۽ جانورن سان سندس مدد ڪن. انهيءَ کان سواءِ يروشلم ۾ خداوند جي گھر لاءِ خوشيءَ سان نذرانا ڏين.“


چوٿين ڏينهن اسان چاندي، سون ۽ ٿانوَ، توري پنهنجي خدا جي گھر ۾ مريموت ولد اورياہ ڪاهن جي هٿ ۾ ڏنا. هن سان گڏ اليعزر ولد فينحاس ۽ ٻہ لاوي يوزباد ولد يشوع ۽ نوعيدياہ ولد بنوي هئا.


اهي سڀيئي ڄاڻي‌واڻي اسان کي ڊيڄارين پيا تہ جيئن اسين دل شڪستہ ٿي پئون ۽ اهو ڪم پورو نہ ٿي سگھي. پر مون دعا گھري تہ ”اي خدا! تون مون کي همت ڏي.“


پوءِ جن کين پنهنجي قبضي ۾ رکيو هو، خداوند تن سڀني جي دلين ۾ سندن واسطي قياس وڌو.


تنهنجي جنگ ڪرڻ واري ڏينهن تي تنهنجا ماڻهو پاڻ کي پيش ڪندا. هائو، تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان تو وٽ پيش ٿيندا. جيئن صبح جو سوير تازگي ڏيندڙ ماڪ پوي ٿي، تيئن ئي اهي نوجوان تازگيءَ واري حالت ۾ تو وٽ ايندا.


بني اسرائيل جي ماڻهن موسيٰ جي چوڻ موجب مصرين کان سون ۽ چانديءَ جا زيور ۽ ڪپڙا گھري ورتا هئا.


خداوند انهن ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ اهڙي حشمت بخشي جو هنن جيڪي بہ گھريو سو کين ڏنائون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي ماڻهن مصرين کي ڄڻ ڦريو لٽيو.


اي خداوند جي قوم! اوهين جيڪي ڪمزور ٿي پيا آهيو سي همت وارا ٿيو، ۽ جيڪي خوف وچان ڏڪو ٿا سي دلجاءِ ڪريو.


هر هڪ ماڻهو بغير ڪُرڪڻ ڪنجھڻ جي ۽ بغير ڪنهن لاچاريءَ جي اوترو ئي ڏئي جيترو هن دل ۾ ارادو ڪيو آهي، ڇو تہ خدا خوشيءَ سان ڏيڻ واري کي پيار ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ