حزقي ايل 9:3 - Muslim Sindhi Bible3 تڏهن مون ڏٺو تہ بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني، جيڪا مقدس ترين جاءِ ۾ پردار آسماني مخلوق مٿان هئي، سا اتان نڪري هيڪل جي دروازي وٽ آئي. پوءِ خداوند انهيءَ عمدي سڻيءَ واري پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي سڏيو، جنهن کي ڪاتبن وارو قلمدان چيلهہ سان ٻڌل هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 ۽ اسرائيل جي خداوند جو جلال، جو ڪروبي تي هو، سو اُتان نڪري گهر جي چانئٺ تي وڃي بيٺو: ۽ جنهن سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهو جي چيلهہ ۾ ڪاتبن جو قلمدان هو، تنهن کي هن سڏيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن مون ڏٺو تہ هيڪل جي اتر طرف واري ٻاهرين دروازي کان ڇهہ ماڻهو هڪدم اچي حاضر ٿيا، جن مان هر هڪ کي موتمار هٿيار هٿ ۾ هو. انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هو، جنهن جي چيلهہ سان ڪاتبن وارو قلمدان ٻڌل هو. اهي سڀ اندر لنگھي آيا ۽ ساڙڻ وارين قربانين جي پتل واري قربانگاهہ جي پاسي ۾ اچي بيٺا.