Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 9:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن مون ڏٺو تہ هيڪل جي اتر طرف واري ٻاهرين دروازي کان ڇهہ ماڻهو هڪدم اچي حاضر ٿيا، جن مان هر هڪ کي موتمار هٿيار هٿ ۾ هو. انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هو، جنهن جي چيلهہ سان ڪاتبن وارو قلمدان ٻڌل هو. اهي سڀ اندر لنگھي آيا ۽ ساڙڻ وارين قربانين جي پتل واري قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ اچي بيٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ ڏسو، جيڪو مٿيون دروازو اُتر ڏانهن آهي، انهي مان ڇهہ ماڻهو آيا، هر ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو هٿيار هٿ ۾ هو؛ ۽ انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو سڻيءَ جي پوشاڪ سان هو، جنهن جي چيلهہ ۾ ڪاتبن وارو قلمدان هو. ۽ اُهي اندر لنگهي وڃي پتل واري قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 9:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ غير معبودن جا پوڄا گھر نہ ڊاٺا ويا ۽ ماڻهو اڃا بہ اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا. يوتام خداوند جي گھر جو مٿيون دروازو ٺهرايو.


هن خداوند جي گھر جو مٿيون دروازو لڳرايو ۽ عوفل نالي ٽڪريءَ وٽ يروشلم جي ڀت تي گھڻو ڪجھہ ڪم ڪرايائين.


بادشاهہ سليمان پتل جي هڪ قربان‌گاهہ ٺهرائي جنهن جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري يعني نوَ ميٽر هئي، جڏهن تہ ان جي اوچائي ساڍا چار ميٽر هئي.


هن خداوند جي حڪم جي پوئواري ڪندي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ رکائي. هن انهيءَ تي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ اناج جي قرباني ڏنائين.


هائو، آءٌ ئي اتر وارين بادشاهتن جي سڀني ماڻهن کي سڏائڻ وارو آهيان. انهن جا بادشاهہ ڪاهہ ڪري ايندا ۽ ڪوٽ واري شهر يروشلم ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن کي چوڌاري گھيرو ڪندا. هو يروشلم جي ڪوٽ واري هر دروازي تي پنهنجو شاهي اختيار قائم ڪندا.


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


جڏهن بادشاهہ جي عملدارن اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن اهي شاهي محل کان خداوند جي گھر اچي پهتا ۽ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ منهنجي فيصلي ڪرڻ لاءِ ويهي رهيا.


صيئون ڏانهن وڃڻ لاءِ جھنڊو کڻو، بنا دير پناهہ لاءِ ڀڄو! ڇاڪاڻ تہ خداوند اتر پاسي کان آفت بلڪ تباهي آڻيندڙ لشڪر آڻڻ وارو آهي.


تڏهن خداوند عمدي سڻيءَ واري پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي فرمايو تہ ”تون پردار آسماني مخلوق جي هيٺان ڦرندڙ ڦيٿن جي وچان اندر گھڙي وڃ ۽ پردار آسماني مخلوق جي وچ ۾ جيڪي ٽانڊا آهن، تن مان ٻئي مٺيون ڀري کڻي اچ ۽ اهي يروشلم شهر جي مٿان هيڏي هوڏي اڇلائي ڇڏ.“ تڏهن اهو ماڻهو منهنجي ڏسندي اندر گھڙي ويو.


هن هٿ جهڙي ڪا شيءِ ڊگھيڙي منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ پڪڙي. تڏهن انهيءَ عجيب رويا ۾ خدا جو روح مون کي مٿي هوا ۾ بلنديءَ تي کڻي ويو ۽ پوءِ يروشلم جي ڪوٽ جي اندرين اتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿائين، جتي هڪڙي مورتي کوڙيل هئي، جنهن خداوند کي غيرت ڏياري غضبناڪ بڻايو هو.


پوءِ مون ڏٺو تہ جنهن ماڻهوءَ کي عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هئي ۽ سندس چيلهہ سان قلمدان ٻڌل هو، سو موٽي آيو ۽ خداوند کي اچي اطلاع ڏنائين تہ ”جيئن تو حڪم ڏنو هو، تيئن مون ڪري ڇڏيو آهي.“


تڏهن مون ڏٺو تہ بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني، جيڪا مقدس ترين جاءِ ۾ پردار آسماني مخلوق مٿان هئي، سا اتان نڪري هيڪل جي دروازي وٽ آئي. پوءِ خداوند انهيءَ عمدي سڻيءَ واري پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي سڏيو، جنهن کي ڪاتبن وارو قلمدان چيلهہ سان ٻڌل هو.


تڏهن مون اکيون کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پاتل هڪڙي هستي بيٺي آهي، جنهن جي چيلهہ سان نج سون جو ڪمربند ٻڌل هو.


جيڪا هستي سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پايو درياءَ جي مٿاهين پاسي تي بيٺي هئي، تنهن کان هڪڙي پڇيو تہ ”هنن عجيب ڪمن جي پڄاڻيءَ ۾ ڪيترو عرصو باقي آهي؟“


هارون ڪاهنن وارو هي لباس پائي: سڻيءَ جو پهراڻ، سڻيءَ جي سٿڻ، سڻيءَ جو پٽو ۽ سڻيءَ جي پڳ. اهو مخصوص لباس آهي، تنهنڪري هو وهنجي پوءِ اهو پائي.


پوءِ مون پروردگار کي قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو. هن حڪم ڏنو تہ ”عبادت‌گاهہ جي ٿنڀن جي چوٽين کي ڌڪ هنيو وڃي تہ جيئن چانئٺيون لُڏي وڃن، ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي مٿان ڪيرائي سندن مٿا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو اتان بچي ويندا، تن کي آءٌ جنگ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح انهن مان هڪڙو بہ ڀڄي ڪين سگھندو.


انهيءَ مان اهي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون. انهن کي صاف سٿريون ۽ چمڪندڙ پوشاڪون پهريل هيون ۽ سندن ڇاتين تي سونهري رنگ جا سينابند ٻڌل هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ