Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 9:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ مون ڏٺو تہ جنهن ماڻهوءَ کي عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هئي ۽ سندس چيلهہ سان قلمدان ٻڌل هو، سو موٽي آيو ۽ خداوند کي اچي اطلاع ڏنائين تہ ”جيئن تو حڪم ڏنو هو، تيئن مون ڪري ڇڏيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ ڏسو، جنهن سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهوءَ کي ڪمر ۾ قلمدان هو، تنهن اطلاع ڏئي چيو تہ جيئن تو حڪم ڏنو آهي، تيئن مون ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 9:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند جا سگھارا فرشتؤ! خداوند جي واکاڻ ڪريو. هائو، اوهين جيڪي سندس هر حڪم جي بجاآوريءَ لاءِ هميشہ تيار رهو ٿا.


پوءِ جڏهن مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهن چئني پردار آسماني مخلوق جي مٿان واري گنبذ تي نيلم جي پٿر جهڙي هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي بناوٽ تخت جهڙي هئي.


سو آءٌ کانئن هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ ساڻن اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي هنن ٻين سان ڪيو آهي.“


تڏهن مون ڏٺو تہ هيڪل جي اتر طرف واري ٻاهرين دروازي کان ڇهہ ماڻهو هڪدم اچي حاضر ٿيا، جن مان هر هڪ کي موتمار هٿيار هٿ ۾ هو. انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هو، جنهن جي چيلهہ سان ڪاتبن وارو قلمدان ٻڌل هو. اهي سڀ اندر لنگھي آيا ۽ ساڙڻ وارين قربانين جي پتل واري قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ اچي بيٺا.


جڏهن ستين ملائڪ پنهنجو پيالو هوا ۾ هاريو تہ هيڪل مان تخت واري پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”پورو ٿيو.“


پهرئين ملائڪ وڃي پنهنجو پيالو ڌرتيءَ تي هاريو تہ جن ماڻهن تي انهيءَ حيوان جو نشان هو ۽ جيڪي سندس بت کي سجدو ڪندا هئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ