حزقي ايل 8:3 - Muslim Sindhi Bible3 هن هٿ جهڙي ڪا شيءِ ڊگھيڙي منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ پڪڙي. تڏهن انهيءَ عجيب رويا ۾ خدا جو روح مون کي مٿي هوا ۾ بلنديءَ تي کڻي ويو ۽ پوءِ يروشلم جي ڪوٽ جي اندرين اتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿائين، جتي هڪڙي مورتي کوڙيل هئي، جنهن خداوند کي غيرت ڏياري غضبناڪ بڻايو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 ۽ هٿ جهڙي صورت ڊگهي ڪري هن منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ ورتي؛ ۽ روح مون کي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ مٿي کڻي، خداوند جي رويائن ۾، يروشلم جي اندرئين ايوان جي اُتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿو؛ جتي حسد جي مورت رکيل هئي، جا حسد پيدا ڪري ٿي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن مون ڏٺو تہ هيڪل جي اتر طرف واري ٻاهرين دروازي کان ڇهہ ماڻهو هڪدم اچي حاضر ٿيا، جن مان هر هڪ کي موتمار هٿيار هٿ ۾ هو. انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هو، جنهن جي چيلهہ سان ڪاتبن وارو قلمدان ٻڌل هو. اهي سڀ اندر لنگھي آيا ۽ ساڙڻ وارين قربانين جي پتل واري قربانگاهہ جي پاسي ۾ اچي بيٺا.