Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 8:2 - Muslim Sindhi Bible

2 مون اکيون کڻي نهاريو تہ رويا ۾ ڏٺم تہ باهہ جي شڪل واري هڪڙي انساني صورت بيٺي آهي. انهيءَ جو چيلهہ کان هيٺ وارو حصو باهہ جهڙو هو ۽ چيلهہ کان مٿي وارو حصو چمڪندڙ پتل جهڙو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تڏهن مون نهاريو تہ باهہ جهڙي هڪڙي شڪل ڏٺم؛ ان جي چيلهہ کان هيٺ باهہ نظر آئي: ۽ ان جي چيلهہ کان مٿي عنبير جهڙي روشنائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 8:2
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون مٿي کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ اتر طرف کان هڪڙو وڏو طوفان پيو اچي. ڏٺم تہ هڪڙي وڏي ڪڪر مان وڄ چمڪي رهي هئي ۽ انهيءَ جي چوڌاري آسمان مان تجلا ٿي نڪتا. تڏهن جتي وڄ چمڪي رهي هئي، انهيءَ جي وچ مان چمڪندڙ پتل جهڙي هڪ شيءِ ظاهر ٿي


هو مون کي اڃا ويجھو وٺي ويو تہ ڇا ڏسان تہ اتي هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جو چهرو پتل جيان پئي چمڪيو. مون ڏٺو تہ انهيءَ جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سڻيءَ جي ڏوري ۽ ڪانو هو ۽ هو انهن عمارتن جي ٻاهرين لنگھہ وٽ بيٺو هو.


اسان جي جلاوطنيءَ جي ڇهين سال، ڇهين مهيني جي پنجين تاريخ تي جڏهن آءٌ پنهنجي گھر ۾ ويٺو هئس ۽ يهوداہ جا جلاوطن اڳواڻ بہ منهنجي اڳيان ويٺا هئا، تڏهن اوچتو خداوند خدا جي قدرت وڏي زور سان اُتي منهنجي مٿان نازل ٿي.


هن جو بدن هيري جهڙو تجليدار هو ۽ منهن وڄ جي شعلي جيان چمڪندڙ هئس. سندس اکيون ٻرندڙ مشعلن جهڙيون هيون ۽ سندس ٻانهون ۽ پير چمڪندڙ پتل جهڙا هئا. هن جي ڳالهائڻ جو آواز وڏي انبوہ جي گوڙ جهڙو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ