Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 8:17 - Muslim Sindhi Bible

17 تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تو اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو؟ يهوداہ وارن جي نظر ۾ تہ اهي معمولي ڳالهيون آهن جو هو هتي ڪراهت وارا ڪم ڪن ٿا ۽ سڄي ملڪ ۾ ظلم وَ زبردستي برپا ڪري ڇڏي اٿن. پر هاڻي انهن ڪمن کان وڌيڪ ڪيئن نہ هو منهنجي هيءَ بي‌حرمتي ڪري مون کي چڙ ٿا ڏيارين ۽ مون کي وري غضبناڪ ڪيو اٿائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي؟ تہ يهوداہ جو گهراڻو جو هي گندگيون ٿو ڪري، سو اها هلڪي ڳالهہ آهي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن ملڪ کي ظلم زبردستيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي، ۽ مون کي ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ ڦري ويا آهن: ۽ ڏس، هو ٽاري پنهنجي نڪ وٽ ٿا آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 8:17
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ٻيو هر ڪو خدا جي نظر ۾ بگڙيل هو ۽ هر هنڌ ظلم ئي ظلم هو.


پوءِ خدا نوح کي چيو تہ ”مون انسانذات کي ختم ڪري ڇڏڻ جو ارادو ڪيو آهي. آءٌ انهن کي بلڪل تباهہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ دنيا انهن جي ظلم سان ڀرجي ويئي آهي.


ان کان علاوہ منسيءَ ايترو تہ بي‌گناهہ رت وهايو جو يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رت سان ڀري ڇڏيائين. انهيءَ کان سواءِ منسيءَ اهو گناهہ بہ ڪيو جو يهوداہ وارن کي گمراهہ ڪري کانئن اهڙا ڪم ڪرايائين جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


خاص طور منسيءَ بي‌گناهن جو ايترو تہ رت وهايو جو هن يروشلم کي رت سان ڀري ڇڏيو هو، جنهن ڪري خداوند کيس معافي ڏيڻ نہ ٿي گھري.


انهيءَ سبب جو اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هن ماٿريءَ کي ديوتائن جو مرڪز بڻايو اٿوَ. هن هنڌ تي اوهان انهن غير معبودن لاءِ قربانيون پئي پيش ڪيون آهن، جن معبودن کي نہ تہ اوهان پاڻ ٿي ڄاتو ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن ۽ يهوداہ جي بادشاهن ئي ٿي ڄاتو. هن هنڌ کي اوهان بي‌گناهن جي رت سان ڀري ڇڏيو آهي.


جنهن بہ وقت آءٌ ڳالهايان ٿو تہ، ظلم ۽ تباهيءَ جو ئي اعلان ٿو ڪريان. اهڙيءَ طرح تو خداوند جو فرمان سڄو ڏينهن مون لاءِ بي‌عزتي ۽ کل ٺٺوليءَ جو سبب ٿو بڻجي.


اهو اتان جي رهاڪن جي ڪيل بڇڙائيءَ سببان ٿيو. هنن غير معبودن جي پوڄا ڪري ۽ انهن لاءِ قربانيون پيش ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري. انهن معبودن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، نہ اوهان ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن.


جهڙيءَ طرح کوهہ جو پاڻي هر وقت تازو هوندو آهي، تهڙيءَ طرح يروشلم بہ پنهنجي بڇڙائيءَ کي هر وقت تازو رکيو ٿو اچي. انهيءَ مان ڏاڍ ۽ برباديءَ جا واڪا مون تائين پهچن ٿا. مظلومن جا ڏک سور ۽ زخم هر وقت منهنجي آڏو آهن.


دشمن هاڻي شهر تي حڪمران آهن، ۽ اهي امن وَ سلامتيءَ سان پيا گذارين. بيشڪ يروشلم جي گھڻن گناهن سبب، خداوند انهيءَ کي سزا ڏني آهي. شهر جي رهاڪن کي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيو ويو آهي.


اوهان هن شهر ۾ ايترا تہ خون ڪيا آهن جو شهر جون گھٽيون لاشن سان ڀرجي ويون آهن.


تو پنهنجي مصري يارن سان بہ زناڪاري ڪئي جيڪي تو سان سمهڻ لاءِ هميشہ آتا رهندا هئا. اهڙيءَ طرح تو زناڪاري وڌائي مون کي غصو ڏياريو.


مسڪينن ۽ محتاجن تي ظلم ڪرڻ، زور ۽ زبردستيءَ سان ڦر مار ڪرڻ، ماڻهن جون گروي رکيل شيون کين موٽائي نہ ڏيڻ، بتن جي پوڄا ۽ ٻيا ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ


آءٌ پنهنجي غيرت سببان تنهنجو مخالف بڻجي ويندس. اهي تو سان ڏاڍي سختيءَ سان پيش ايندا. اهي تنهنجو نڪ ۽ ڪن وڍي ڇڏيندا ۽ تنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. هائو، اهي تنهنجا پٽ ۽ ڌيئر تو کان کسي کين جيئرو باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


تون ٻين قومن سان گھڻو واپار ڪندي ظلم سان ڀرجي ويو آهين. هائو، ظلم ۽ بدڪاريءَ سان ڀرجي تو گناهہ ڪري وڌو. سو مون تو کي پليت ڄاڻي پنهنجي جبل تان اڇلائي ڇڏيو، ۽ جيڪا پردار آسماني مخلوق تنهنجي حفاظت ڪندي هئي، تنهن تو کي ڀڄائي آتشي پٿرن کان دور ڪري ڇڏيو.


خداوند خدا فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! اوهين گھڻا گناهہ ڪري چڪا آهيو. هاڻي اوهين ظلم ۽ ڦرلُٽ ڇڏي ڏيو ۽ عدل وَ انصاف ڪريو. اوهين منهنجي قوم کي وري ڪڏهن بہ پنهنجي وطن مان نڪرڻ تي مجبور نہ ڪريو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.


ظلم جي وڌڻ سان هر قسم جي بدڪاري وڌي ويئي آهي. سو اوهان مان ڪوبہ انهيءَ جي سزا مان بچي نہ نڪرندو. نہ اوهان جا ڪٽنب قبيلا رهندا، نہ مال وَ دولت، نہ ئي وري اوهان جو شان وَ شوڪت رهندو.


اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو ملڪ ۾ گناهہ وڌي ويا آهن، هائو، هر هنڌ ظلم ئي ظلم لڳو پيو آهي، ۽ ناحق ماڻهو ماريا ٿا وڃن.


تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تون ڏسين ٿو تہ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڏس، بني اسرائيل منهنجي مقدس هيڪل کي ڇڏي هتي ڪهڙا نہ ڪراهت وارا ڪم ٿا ڪن! پر تون اڃا بہ کين انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا ڪم ڪندي ڏسندين.“


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بي‌انصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.


انهن ماڻهن کان نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ وسري ويا آهن، بلڪ اهي ظلم ۽ ڦر ڪري پنهنجن محلاتن کي ڀرين ٿا.


ائين چوڻ سان اوهين مصيبت جي ڏينهن کي نظرانداز ڪري ظالم جي حڪمراني قائم ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجو.


هو ماڻهن ۽ سندن گھراڻن تي ظلم ڪندي سندن ميراث کسي ٿا وٺن. هائو، اهي لالچ ڪندي ماڻهن جون ٻنيون ۽ گھر زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن.


اوهان جي شاهوڪار ماڻهن غريبن تي ظلم وَ زبردستي پئي ڪئي آهي. اوهين سڀ ڪوڙا آهيو، ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون پيا ڪريو.


انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني بت‌پرستن کي سزا ڏيندس، جيڪي چانئٺ تي پير رکڻ کان لنوائين ٿا، ۽ انهن کي بہ جيڪي خون خرابو ۽ ٺڳيون ڪري شاهي محل کي دولت سان ڀرين ٿا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ