Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 8:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ هو مون کي پنهنجي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. ڇا ڏسان تہ اتي خداوند جي هيڪل جي دروازي وٽ، ورانڊي ۽ قربان‌گاهہ جي وچ ۾ اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا آهن، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏانهن هيون ۽ سندن منهن اوڀر طرف هئا. اهڙيءَ طرح هنن اڀرندڙ سج جي پوڄا ٿي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ هن مون کي خداوند جي گهر جي اندرئين ايوان ۾ آندو ۽ ڏسو، اُتي خداوند جي هيڪل جي در وٽ، اڳ واري ورانڊي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾، اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا هئا، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏي هيون، ۽ سندن منهن اُڀرندي ڏي هئا؛ ۽ انهن اُڀرندي ڏانهن سج جي عبادت پي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 8:16
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هي گھر جنهن جي نسبت ۾ تو فرمايو آهي تہ ’انهيءَ تي مون خداوند جو نالو رهندو،‘ تنهن تي ڏينهن رات تنهنجي نگاهہ رهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪا دعا تنهنجو ٻانهو انهيءَ جاءِ ڏانهن منهن ڪري گھري سا تون ٻڌندين.


خداوند لاءِ مخصوص ڪيل پتل واري قربان‌گاهہ هيڪل جي مقدس جاءِ ۽ نئين قربان‌گاهہ جي وچ ۾ هئي، سو هن اها اتان سوري نئين قربان‌گاهہ جي اترئين پاسي رکرائي ڇڏي.


هن هيڪل جي ٻنهي اڱڻن ۾ آسماني سيارن ۽ ستارن لاءِ قربان‌گاهون ٺاهيون.


يهوداہ جي بادشاهن طرفان سج ديوتا جي لاءِ نذراني طور ڏنل گھوڙا جيڪي هيڪل جي دروازي وٽ ناتنملڪ عملدار جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان اڱڻ ۾ بيٺا هوندا هئا سي يوسياہ اتان ڪڍرائي ڇڏيا. سج ديوتا لاءِ نذر ڪيل گھوڙي گاڏيون ساڙائي ڇڏيائين.


يوسياہ کان اڳ ۾ يهوداہ جي بادشاهن يهوداہ جي شهرن ۾ ۽ يروشلم جي آس‌پاس وارن هنڌن جي غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ قربانيون پيش ڪرڻ لاءِ ڪاهنن مان ڪن کي مقرر ڪيو هو. يوسياہ بادشاهہ انهن سڀني کي اتان ڪڍي ڇڏيو. هن انهن کي بہ ڪڍي ڇڏيو جيڪي بعل ديوتائن، سج، چنڊ، ڪهڪشائن، آسماني تارن ۽ سيارن لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.


اسان جي ابن ڏاڏن نافرماني ڪئي. هنن خداوند اسان جي خدا کي ڇڏي اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خدا جي نظر ۾ برا آهن. هنن پنهنجا منهن خداوند جي گھر کان ڦيري ڇڏيا ۽ ان کي پٺي ڏنائون.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي اڱڻ جو وچ وارو حصو جيڪو خداوند جي گھر جي اڳيان هو، تنهن کي بادشاهہ مخصوص ڪيو ۽ اتي هن ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي پيش ڪئي، ڇاڪاڻ تہ پتل جي قربان‌گاهہ جيڪا خداوند جي حضور ۾ هئي سا انهن قربانين لاءِ تمام ننڍي هئي.


اوهين ڪاٺ کي چئو ٿا تہ ’تون اسان جو پيءُ آهين،‘ ۽ پٿر کي چئو ٿا تہ ’تو اسان کي ڄڻيو آهي.‘ اوهان مون ڏانهن منهن نہ پر پٺي ڪئي آهي، پر جڏهن اوهين مصيبت ۾ پئو ٿا تڏهن مون کي چئو ٿا تہ ’اچ، اچي اسان کي بچاءِ.‘


هنن مون کان پنهنجا منهن ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مون کين بار بار تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ هنن منهنجي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو آهي، نڪي ڪا سيکت ئي قبول ڪئي اٿائون.


بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، پيئر باهہ ٻارين ٿا ۽ مائرون اٽو ڳوهين ٿيون تہ جيئن انهيءَ ديويءَ لاءِ لوليون پچائين، جنهن کي هو آسمان جي راڻيءَ ٿا سڏين. هو غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون ٿا پيش ڪن، تہ جيئن مون کي چڙ ڏيارين.


سندن اهي هڏا سج، چنڊ ۽ آسمان جي ستارن اڳيان پکيڙيا ويندا، جن سان کين محبت هئي ۽ جن جي خدمت ۽ پوڄا ڪندا هئا ۽ جن جي پٺيان لڳي کين سجدا ڪندا هئا. اهي هڏا دفن ڪرڻ لاءِ ميڙي گڏ نہ ڪيا ويندا بلڪ گند ڪچري وانگر زمين تي پکڙيا پيا هوندا.


جنهن وقت هو اندر ويو، تنهن وقت پردار آسماني مخلوقات هيڪل جي ڏاکڻي پاسي بيٺل هئا. تڏهن هڪڙو ڪڪر اندرين اڱڻ ۾ ڇانئجي ويو.


پوءِ خدا جي روح مون حزقي‌ايل کي مٿي کڻي هيڪل جي اوڀر واري دروازي وٽ آندو. اتي دروازي جي لنگھہ وٽ مون کي پنجويهہ ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا، جن ۾ قوم جا ٻہ اڳواڻ يازنياہ ولد عزور ۽ فلطياہ ولد بناياہ پڻ شامل هئا.


جيئن تہ مون خداوند خدا کي تو بلڪل وساري ڇڏيو آهي، بلڪ پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو اٿيئي، تنهنڪري تو کي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ ۽ زناڪاريءَ جي سزا ڀوڳڻي پوندي.“


پوءِ اسين ٻاهرين اڱڻ کان اندرين اڱڻ جي ڏاکڻي لنگھہ وٽ آياسين. انهيءَ ماڻهو ان لنگھہ جي ماپ ورتي تہ اها بہ ٻاهرينءَ ڀت وارن لنگھن جي ماپ جيتري هئي.


پوءِ هو وري انهيءَ لنگھہ وٽ آيو، جنهن جو منهن اوڀر طرف هو. هو انهيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهيو ۽ دروازي جي چانئٺ ماپيائين، جنهن جي ويڪر ٽي ميٽر هئي.


تڏهن خداوند جي روح مون کي مٿي کنيو ۽ آڻي اندرين اڱڻ ۾ لاٿائين، جتي آءٌ ڇا ڏسان تہ هيڪل جي عمارت خداوند جي تجليءَ سان ڀرجي ويئي آهي.


ان کان علاوہ بني اسرائيل جي بادشاهن پنهنجا محلات منهنجي هيڪل جي ايترو تہ ويجھو ڪري جوڙايا جو هنن جي ۽ منهنجي هيڪل جي وچ ۾ رڳو هڪڙي ڀت هئي ۽ هنن جي محلاتن جا دروازا منهنجي هيڪل ۾ ٿي کُليا. هائو، هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪري منهنجي نالي جي بي‌حرمتي ڪئي، تنهنڪري مون پنهنجو غضب نازل ڪري کين فنا ڪري ڇڏيو.


ڪاهن انهيءَ پاڪ ٿيڻ واري قربانيءَ جو ڪجھہ رت کڻي هيڪل جي عمارت جي سردرن تي، قربان‌گاهہ جي چئني ڪنڊن تي ۽ اندرين اڱڻ جي لنگھن وارن اندرين سردرن تي لڳائي.


خداوند فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! هيڪل جي اندرين اڱڻ جي اوڀر طرف وارو لنگھہ ڪم ڪار وارا ڇهہ ئي ڏينهن بند رهڻ گھرجي. پر سبت جي ڏينهن تي توڙي نئين چنڊ واري ڏينهن تي اهو لنگھہ بني اسرائيل جي حڪمران لاءِ کوليو وڃي.


اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو ملڪ ۾ گناهہ وڌي ويا آهن، هائو، هر هنڌ ظلم ئي ظلم لڳو پيو آهي، ۽ ناحق ماڻهو ماريا ٿا وڃن.


تڏهن هن مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تو اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو؟ بلڪ تون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا ڪم ڏسندين.“


اي ڪاهنؤ! اوهين هيڪل جي اڱڻ ۾ روئو رڙو، ۽ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ بيهي هيءَ دعا گھرو تہ ”اي خداوند! پنهنجيءَ قوم تي رحم ڪر. هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. ڇو غير قومون اسان تي ٺٺوليون ڪندي چون تہ ’ڪٿي آهي اوهان جو خدا؟‘“


وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪئي هجيس، يا سج، چنڊ يا سمورين آسماني شين مان ڪنهن کي بہ سجدو ڪيو هجيس، جنهن کان هن اوهان کي روڪيو آهي.


ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ