Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 8:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اتي بني اسرائيل جي اڳواڻن مان ستر ڄڻا انهن بتن جي سامهون بيٺا هئا ۽ يازنياہ ولد سافن انهن جي وچ ۾ بيٺو هو. انهن سڀني جي هٿن ۾ لوباندان هئا، جن مان لوبان جو خوشبودار دونهون مٿي پئي اٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ اُتي اُنهن جي اڳيان اسرائيل جي گهراڻي جا بزرگ، ڪل ستر ڄڻا بيٺل آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ يازنياہ بن سافن بيٺو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهو کي هٿ ۾ لوبان ساڙڻ جو باسڻ هو، ۽ لوبان جي دونهين جي بانس مٿي پئي چڙهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 8:11
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن سردار ڪاهن خلقياہ، اخيقام ولد سافن، عڪبور ولد ميڪاياہ، شاهي محرر سافن ۽ پنهنجي خدمتگار عساياہ کي هي حڪم ڏنو تہ


تڏهن خلقياہ ڪاهن، اخيقام، عڪبور، سافن ۽ عساياہ، اُهي سڀيئي خلدہ نالي نبياڻيءَ ڏانهن ويا، جيڪا يروشلم جي نئين آباديءَ واري علائقي ۾ رهندي هئي. هن جو مڙس سلوم ولد تقوم ولد خرخس هو ۽ هو هيڪل جي توشاخاني جو نگران هو. هنن وڃي نبياڻيءَ سان سڄو احوال ڪيو.


پنهنجي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال، يوسياہ بادشاهہ پنهنجي شاهي محرر سافن ولد اصلياہ ولد مسلام کي خداوند جي گھر موڪليو. هن کيس چيو تہ


جڏهن سافن بادشاهہ جو حڪم کڻي سردار ڪاهن خلقياہ وٽ ويو، تڏهن خلقياہ سافن کي چيو تہ ”مون خداوند جي گھر مان شريعت جو ڪتاب لڌو آهي.“ پوءِ هن اُهو ڪتاب سافن کي ڏنو جنهن اُهو پڙهيو.


يهوداہ جي ملڪ ۾ باقي بچيل ماڻهو جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڇڏي ڏنو هو، تن جي مٿان بادشاهہ نبوڪدنضر جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن کي گورنر مقرر ڪيو.


پر طاقتور ٿيڻ کان پوءِ عُزياہ ڏاڍو مغرور ٿي ويو ۽ هن جو غرور ئي سندس زوال جو سبب بڻيو. هن خداوند پنهنجي خدا جي نافرماني ڪندي هيڪل ۾ اندر گھڙي لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ تي لوبان ساڙيو.


تڏهن عُزياہ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هو ان وقت خداوند جي گھر ۾ لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ جي ڀرسان بيٺو هو ۽ لوبان ساڙڻ وارو ٿانوَ هٿ ۾ هئس. سو جيئن ئي هو ڪاهنن تي ڇوهہ ڇنڊي رهيو هو تيئن اوچتو ڪاهنن جي موجودگيءَ ۾ سندس پيشاني تي ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري ظاهر ٿي.


پوءِ بادشاهہ هڪدم خلقياہ، اخيقام ولد سافن، عبدون ولد ميڪاياہ، شاهي محرر سافن ۽ پنهنجي خدمتگار عساياہ کي حڪم ڏنو تہ


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جي ستر اڳواڻن کي وٺي مون وٽ مٿي چڙهي اچ. اوهين ڪجھہ مفاصلي تي بيهي سجدو ڪريو.


پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جا ستر اڳواڻ مٿي چڙهي ويا.


واڍو ڏور سان ڪاٺيءَ جي ماپ وٺي ٿو ۽ انهيءَ تي نشان ڪري ٿو. پوءِ انهيءَ ڪاٺيءَ کي رندو هڻي لسو ڪري ٿو، پرڪار سان انهيءَ تي نقش ڪڍي ٿو ۽ پوءِ انساني صورت موجب هڪڙي سهڻي شڪل بڻائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اها پوڄا گھر ۾ رکي وڃي.


خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”وڃ ۽ ڪنڀر وٽان ٺڪر جي هڪڙي گھُگھي خريد ڪر. قوم جي اڳواڻن ۽ وڏن ڪاهنن مان بہ ڪن کي تون پاڻ سان وٺي وڃ.


انهيءَ سبب جو اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هن ماٿريءَ کي ديوتائن جو مرڪز بڻايو اٿوَ. هن هنڌ تي اوهان انهن غير معبودن لاءِ قربانيون پئي پيش ڪيون آهن، جن معبودن کي نہ تہ اوهان پاڻ ٿي ڄاتو ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن ۽ يهوداہ جي بادشاهن ئي ٿي ڄاتو. هن هنڌ کي اوهان بي‌گناهن جي رت سان ڀري ڇڏيو آهي.


مون اهو خط العاسہ ولد سافن ۽ جمرياہ ولد خلقياہ جي حوالي ڪيو، جن کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڏانهن موڪليو. ان خط ۾ لکيل هو تہ


تڏهن باروڪ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ بالا اڱڻ ۾ شاهي محرر سافن جي پٽ جمرياہ جي ڪمري مان سڀني ماڻهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي مان خداوند جون مون کي ٻڌايل ڳالهيون پڙهي ٻڌايون.


”ڇا خداوند کي اهي قربانيون ياد ناهن جيڪي اوهين، اوهان جا ابا ڏاڏا، اوهان جا بادشاهہ، اوهان جا عملدار بلڪ اوهان جا سڀيئي ماڻهو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پيش ڪندا هئا؟ ڇا اهي خداوند کان وسري ويون آهن؟


سو آءٌ اڳواڻن ڏانهن ويندس، ۽ ساڻن ڳالهائيندس. يقيناً هنن کي خداوند جي رستي ۽ پنهنجي خدا جي تقاضا جي خبر هوندي.“ پر هنن سڀني تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، تان‌تہ تنهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان آجا ٿي وڃن.


بابل جي بادشاهہ انهيءَ شهر ۾ هنن کي مارائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح يهوداہ وارا قيد ٿي پنهنجي ملڪ کان جلاوطن ڪيا ويا.


اوهين چوري، خون ۽ زنا ٿا ڪريو. اوهين ڪوڙا قسم ٿا کڻو، بعل ديوتا آڏو قربانيون پيش ڪريو ٿا ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي پوڄا ٿا ڪريو، جن کان اوهين اڳي واقف بہ نہ هئا.


اسان جي جلاوطنيءَ جي ستين سال پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ تي بني اسرائيل جا ڪي جلاوطن اڳواڻ خداوند جي مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ منهنجي اڳيان اچي ويٺا.


سو آءٌ اندر گھڙي ويس ۽ جيئن ئي نهاريم تہ ڇا ڏسان تہ اتي هر قسم جي سرندڙ جيتن ۽ ناپاڪ حيوانن، يعني انهن سمورن مڪروهہ ديوتائن جون شڪليون چوڌاري ڀتين تي نقش ٿيل آهن جن جا بني اسرائيل پوڄاري بڻيا هئا.


پوڙهن توڙي نوجوانن، مردن توڙي عورتن، والدين توڙي سندن ٻارن، سڀني کي ماري فنا ڪري ڇڏيو. پر جنهن ماڻهوءَ جي پيشانيءَ تي نشان هجي تنهن کي هٿ بہ نہ لائجو. اوهين شروعات هتان منهنجي هيڪل کان ئي ڪريو.“ سو هنن شروعات انهن اڳواڻن کان ئي ڪئي جيڪي اتي هيڪل ۾ بيٺا هئا.


اي خداوند! اسين، اسان جا بادشاهہ، اسان جا سردار ۽ اسان جا ابا ڏاڏا شرمسار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”بني اسرائيل قوم مان اهڙا ستر ڄڻا چونڊي ڪڍ، جن کي تون معزز ۽ مکيہ اڳواڻ طور ڄاڻين ٿو. انهن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ وٺي اچ ۽ کين پاڻ سان گڏ بيهار.


پوءِ خداوند ڪڪر ۾ هيٺ لٿو ۽ ساڻس ڳالهايائين. موسيٰ ۾ جيڪو روح هو تنهن مان ڪجھہ کڻي انهن ستر اڳواڻن ۾ وڌائين. جڏهن انهن ۾ روح آيو تڏهن هو نبين جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، پر انهيءَ کان پوءِ وري ائين نہ ڪيائون.


اوهان جي ٽولي جي اڍائي سؤ ماڻهن مان هر ڪو پنهنجو لوبان‌دان کڻي انهيءَ تي لوبان وجھي ۽ پوءِ اهو خداوند جي آڏو آڻي پيش ڪري. تون ۽ هارون بہ ائين ئي ڪريو.“


پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، جنهن انهن سڀني اڍائي سؤ ڄڻن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، جن لوبان آڻي پيش ڪيو هو.


انهيءَ کان پوءِ خداوند ستر شاگرد ٻيا بہ مقرر ڪيا ۽ کين ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ هر انهيءَ شهر ۽ ڳوٺ ڏانهن پاڻ کان اڳ ۾ روانو ڪيو جتي کيس وڃڻو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ