حزقي ايل 7:8 - Muslim Sindhi Bible8 هاڻي عنقريب آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي نازل ڪندس، ۽ پنهنجو غضب اوهان تي پورو ڪندس. آءٌ اوهان جي چال چلت موجب اوهان جي عدالت ڪندس، ۽ اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي اوهان کي سزا ڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 هاڻي جلدي آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ پنهنجو غصو توتي پورو ڪندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تو اهي ڏينهن وساري ڇڏيا آهن تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي پرورش ڪئي جڏهن تون اڃا ننڍپڻ ۾ هئينءَ، پر تو پنهنجي سڀني ڪمن سان مون کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري ياد رک، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ بہ تنهنجي چال چلت جي سزا تنهنجي ئي سر تي آڻيندس.“ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! ڇا تو پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان علاوہ زناڪاري پڻ نہ ڪئي آهي؟
پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تانتہ اهي چٽ ٿي وڃن.
پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.