Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 7:27 - Muslim Sindhi Bible

27 اوهان جو بادشاهہ ۽ امير آسرو لاهي ويهندا، ۽ نااميديءَ وچان پيا روئندا رڙندا، جڏهن تہ رعيت خوف وچان پيئي ڏڪندي. آءٌ سڀني کي سندن چال چلت مطابق سزا ڏيندس، هائو، آءٌ اهڙا فيصلا ڪندس، جهڙا اوهان ٻين جا فيصلا ڪيا آهن. تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 بادشاهہ ماتم ڪندو، ۽ اميرن تي حيرت غالب ٿيندي، ۽ رعيت جا هٿ ڏڪندا: آءٌ هنن جي چال موافق ساڻن هلت ڪندس، ۽ سندن ڪمن موجب آءٌ هنن جي عدالت ڪندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 7:27
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هڪڙو خدا جو ٻانهو اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيئن تہ ارامي سوچين ٿا تہ آءٌ خداوند جبلن جو ديوتا آهيان نہ ميدانن جو، تنهنڪري هيڏو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


هائو، جيڪي تو کي ڌڪارين ٿا، سي بيحد شرمسار ٿيندا. خدا بدڪارن جي گھرن کي برباد ڪري ڇڏيندو.“


لعنت ڪرڻ سندس فطرت هئي، سو اها ئي سندس واتان ٿي نڪتي. شل اهي لعنتون پاڻيءَ وانگر سندس آنڊن ۾، ۽ تيل وانگر سندس هڏين ۾ پئجي وڃن!


ڀل تہ اهي سندس مٿان پوشاڪ جيان پهريل هجن. ڀل تہ اهي سندري وانگر سندس چيلهہ سان هميشہ ٻڌل رهن.“


شل تون منهنجي دشمنن کي ذلت ۽ خواريءَ سان ڍڪي ڇڏين! بلڪل ائين جيئن بدن مٿان چادر ڍڪبي آهي.


منهنجي مصيبت جي ڪري جيڪي خوشيون ٿا ملهائين، شل سي سڀ جو سڀ خوار خراب ۽ پريشان ٿين! هائو، منهنجي خلاف جيڪي پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شل ذليل وَ خوار ٿين!


پر ويل آهي بدڪارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن جي بڇڙائي سندن آڏو ايندي. هائو، هنن جيڪي ٻين سان ڪيو آهي سو ئي ساڻن ڪيو ويندو.


هائو، جڏهن اوهين انهن جا طور طريقا ۽ افعال ڏسندا تڏهن اوهان کي معلوم ٿيندو تہ مون انهن سان جيڪي ڪجھہ ڪيو آهي سو بي‌سبب نہ ڪيو اٿم. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هاڻي اي بني اسرائيل! آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن موجب بدلو ڏيندس. تنهنڪري اوهين توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي گناهن کان باز اچو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي بڇڙائي اوهان جي برباديءَ جو سبب نہ بڻجي.


اي بڇڙا ۽ پليت اسرائيل جا بادشاهہ! تنهنجو ڏينهن، هائو، تنهنجي آخري سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي.


سامونڊي ملڪن جا سڀيئي بادشاهہ پنهنجن تختن تان هيٺ لهي ايندا ۽ پنهنجي شاهي قبا ۽ ڀرت ڀريل پوشاڪ لاهي ڇڏيندا. پوءِ هو ڏڪندي هيٺ خاڪ تي ويهي رهندا. تنهنجي شڪست جي خبر ٻڌي کين اهڙو تہ صدمو وٺي ويندو، جو اهي خوف وچان پيا ڏڪندا رهندا.


اي بني اسرائيل! هاڻي آءٌ اوهان جي ملڪ تي پنهنجو غضب نازل ڪري انهيءَ جي پڄاڻي ڪندس. هائو، اوهان جي چال چلت موجب اوهان جي عدالت ڪندس. آءٌ اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي سزا اوهان جي ملڪ تي آڻيندس.


اسان جي جلاوطنيءَ جي ڇهين سال، ڇهين مهيني جي پنجين تاريخ تي جڏهن آءٌ پنهنجي گھر ۾ ويٺو هئس ۽ يهوداہ جا جلاوطن اڳواڻ بہ منهنجي اڳيان ويٺا هئا، تڏهن اوچتو خداوند خدا جي قدرت وڏي زور سان اُتي منهنجي مٿان نازل ٿي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو پنهنجي پاڪ جبل صيئون منجھہ رهان ٿو. بيشڪ يروشلم وري پاڪ شهر بڻجي ويندو، ۽ ڪوبہ ڌاريو لشڪر انهيءَ کي ٻيهر فتح ڪري نہ سگھندو.


ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ