حزقي ايل 7:26 - Muslim Sindhi Bible26 اوهان تي مصيبت مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ ظالمن جي حملن بابت افواهن مٿان افواهہ پيا اٿندا. تڏهن ماڻهو منهنجي پيغام لاءِ نبين کي عرض ڪندا، پر کين ڪا تسلي نہ ملندي. بلڪ ڪاهن منهنجي شريعت جي تعليم بہ ڏيئي نہ سگھندا، نڪي بزرگ صلاح مصلحت ڏيڻ جي لائق رهندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible26 نقصان تي نقصان ايندو، ۽ افواهہ تي افواهہ هوندي؛ ۽ هو نبيءَ جي رويا ڳوليندا، پر شريعت ڪاهنن کان نڪري ويندي ۽ صلاح مصلحت بزرگن کان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن تو سان گڏ رهندڙ جلاوطن تو کان پڇن تہ ’تون ڇو ٿو آهون دانهون ڪرين؟‘ تڏهن کين ٻڌائي ڇڏج تہ انهيءَ اچڻ واري خوفناڪ خبر جي ڪري تون آهون دانهون ٿو ڪرين، جنهن جي ٻڌڻ سان سندن دليون خوف وچان ڌڙڪڻ ڇڏي ڏينديون، ڍڍر ڍرا ٿي پوندن ۽ گوڏا ڏڪڻ لڳندن. هائو، سندن همت بلڪل هارجي ويندي. ڏس، اها گھڙي اچڻ واري آهي بلڪ اچي پهتي آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“