Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 7:23 - Muslim Sindhi Bible

23 اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو ملڪ ۾ گناهہ وڌي ويا آهن، هائو، هر هنڌ ظلم ئي ظلم لڳو پيو آهي، ۽ ناحق ماڻهو ماريا ٿا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 زنجير ٺاهہ، ڇالاءِ جو ملڪ خونريزيءَ جي ڏوهن سان ڀريو پيو آهي، ۽ شهر ظلم سان ڀريل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 7:23
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان کان علاوہ منسيءَ ايترو تہ بي‌گناهہ رت وهايو جو يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رت سان ڀري ڇڏيائين. انهيءَ کان سواءِ منسيءَ اهو گناهہ بہ ڪيو جو يهوداہ وارن کي گمراهہ ڪري کانئن اهڙا ڪم ڪرايائين جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


خاص طور منسيءَ بي‌گناهن جو ايترو تہ رت وهايو جو هن يروشلم کي رت سان ڀري ڇڏيو هو، جنهن ڪري خداوند کيس معافي ڏيڻ نہ ٿي گھري.


سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


اوهان جا هٿ خون سان ڀريل آهن، ۽ اوهان جا پير بدڪاريءَ ڏانهن ٿا ڊوڙن. اوهان جا چپ ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ اوهان جون زبانون بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون ڪن.


اوهان جا قدم هميشہ برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا. اوهين بي‌گناهہ جو رت وهائڻ ۾ ڪا دير نہ ٿا ڪريو. اوهان جا خيال بدڪاريءَ وارا خيال آهن، ۽ اوهين تباهي ۽ بربادي ڦهلائيندا ٿا وتو.


ان کان علاوہ تنهنجي ڪپڙن تي رت جا داغ بي‌گناهہ غريبن جا آهن نڪي کاٽ هڻندڙن جا.


پر تنهنجيون اکيون ۽ تنهنجي دل رڳو حرام جي مال، بي‌گناهہ جي رت وهائڻ ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ تي کتل آهن.


خداوند مون کي حڪم فرمايو تہ ”اي يرمياہ! پنهنجي لاءِ ڪاٺيءَ جي هڪڙي پاڃاري ٺاهہ، جيڪا پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي چمڙي جي پٽن سان ٻڌي ڇڏ.


جڏهن يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي قيدين سان گڏ مون يرمياہ کي بہ زنجيرن ۾ ٻڌي اتان کان بابل ڏانهن جلاوطن ڪري نيو پئي ويو، تڏهن شاهي محافظن جي سالار نبوزرادان مون کي رامہ شهر ۾ ئي آزاد ڪرائي ڇڏيو. تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو.


جهڙيءَ طرح کوهہ جو پاڻي هر وقت تازو هوندو آهي، تهڙيءَ طرح يروشلم بہ پنهنجي بڇڙائيءَ کي هر وقت تازو رکيو ٿو اچي. انهيءَ مان ڏاڍ ۽ برباديءَ جا واڪا مون تائين پهچن ٿا. مظلومن جا ڏک سور ۽ زخم هر وقت منهنجي آڏو آهن.


جيڪڏهن اوهين يتيم ۽ رن‌زال توڙي پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي تي ظلم نہ ڪندا، نڪي هن جاءِ تي بي‌ڏوهين جو رت وهائيندا، ۽ نہ وري غير معبودن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي نقصان پهچائيندا،


خدا مون کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي، آءٌ هڪ اهڙي قيديءَ جيان آهيان، جنهن کي نڪري ڀڄي وڃڻ جي ڪا اميد ڪانهي.


اوهان هن شهر ۾ ايترا تہ خون ڪيا آهن جو شهر جون گھٽيون لاشن سان ڀرجي ويون آهن.


تون بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي تو سان گڏ هتي بابل ۾ جلاوطن آهن، تن کي ٻڌائي ڇڏ تہ يروشلم جا اهي رهاڪو جيڪي اڃا تائين سندن ملڪ ۾ رهن ٿا، تن بابت آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ هو خوف ۽ دهشت ۾ کائيندا پيئندا، ڇاڪاڻ تہ سندن ملڪ پنهنجي رهاڪن جي ظلم جي بدلي لٽجي ڦرجي خالي ٿي ويندو.


مسڪينن ۽ محتاجن تي ظلم ڪرڻ، زور ۽ زبردستيءَ سان ڦر مار ڪرڻ، ماڻهن جون گروي رکيل شيون کين موٽائي نہ ڏيڻ، بتن جي پوڄا ۽ ٻيا ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ


تنهنڪري ياد رک، تو ۾ جيڪا لٽ ڦر ۽ خونريزي ڪئي ٿي وڃي، تنهن جي ڪري آءٌ تو تي پنهنجي غضب وچان هٿ کڻندس.


بني اسرائيل جا اڳواڻ چير ڦاڙ ڪندڙ بگھڙن وانگر آهن، جيڪي ماڻهن کي زخم ٿا رسائين يا کين ماري ٿا ڇڏين. ائين ڪرڻ سان اهي اڳواڻ ناجائز فائدو حاصل ڪن ٿا.


تنهنجي رهاڪن مان ڪي چغلخوري ڪندي خون ٿا ڪرائين ۽ بتن تي قرباني ڪيل کاڌو ٿا کائين ۽ زناڪاري ۽ بدفعلي پيا ڪن.


خداوند خدا فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! اوهين گھڻا گناهہ ڪري چڪا آهيو. هاڻي اوهين ظلم ۽ ڦرلُٽ ڇڏي ڏيو ۽ عدل وَ انصاف ڪريو. اوهين منهنجي قوم کي وري ڪڏهن بہ پنهنجي وطن مان نڪرڻ تي مجبور نہ ڪريو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.


پوءِ هو مون کي پنهنجي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. ڇا ڏسان تہ اتي خداوند جي هيڪل جي دروازي وٽ، ورانڊي ۽ قربان‌گاهہ جي وچ ۾ اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا آهن، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏانهن هيون ۽ سندن منهن اوڀر طرف هئا. اهڙيءَ طرح هنن اڀرندڙ سج جي پوڄا ٿي ڪئي.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تو اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو؟ يهوداہ وارن جي نظر ۾ تہ اهي معمولي ڳالهيون آهن جو هو هتي ڪراهت وارا ڪم ڪن ٿا ۽ سڄي ملڪ ۾ ظلم وَ زبردستي برپا ڪري ڇڏي اٿن. پر هاڻي انهن ڪمن کان وڌيڪ ڪيئن نہ هو منهنجي هيءَ بي‌حرمتي ڪري مون کي چڙ ٿا ڏيارين ۽ مون کي وري غضبناڪ ڪيو اٿائون.


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بي‌انصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.


اٽلندو هتي ڦٽ لعنت آهي، ۽ ڪو ڪنهن سان سچو نہ آهي. هائو، هتي خونريزي، چوري ۽ زناڪاريءَ جو راڄ آهي. ڏوهہ ايترا تہ وڌي ويا آهن جو خونن مٿان خون پيا ٿين.


هو ماڻهن ۽ سندن گھراڻن تي ظلم ڪندي سندن ميراث کسي ٿا وٺن. هائو، اهي لالچ ڪندي ماڻهن جون ٻنيون ۽ گھر زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن.


ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي. هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي، ۽ پنهنجي هم‌وطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.


تنهن هوندي بہ اهو سڄو شهر قيد ڪري نيو ويو، ۽ ان جا ٻارڙا بہ هر گھٽيءَ جي چونڪ تي اڇلائي ماريا ويا. ان جا سڀيئي وڏا ماڻهو زنجيرن سان جڪڙيا ويا، ۽ کين غلام بڻائڻ لاءِ ڪڻا وڌا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ