Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 7:22 - Muslim Sindhi Bible

22 اهي ڦورو مون لاءِ وقف ٿيل هيڪل ۾ گھڙي اچي انهيءَ کي پليت ڪندا، پر آءٌ ان تي ڪو ڌيان نہ ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پنهنجو منهن بہ آءٌ هنن کان ڦيرائيندس، ۽ هو منهنجي اندرين جاءِ ناپاڪ ڪندا: ۽ چور انهي ۾ گهڙندا ۽ انهي کي ناپاڪ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 7:22
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي بدڪار دل ۾ هيئن ٿا چون تہ ”خدا کي ڪو فڪر ئي ناهي، هن اکيون بند ڪيون آهن، سو اسان ڏانهن ڪين ٿو ڏسي.“


اي خداوند! تو پاڻ اهو ڏٺو آهي، سو هاڻي تون خاموش نہ رهہ. اي منهنجا ڌڻي! تون مون کان منهن نہ موڙ.


سو جڏهن دشمن مٿن حملو ڪندا تہ آءٌ کين ائين پکيڙي ڇڏيندس، جيئن تيز هوا مٽيءَ کي پکيڙي ڇڏيندي آهي. سندن انهيءَ مصيبت جي ڏينهن آءٌ هنن کان منهن ڦيري ڇڏيندس.“


انهيءَ سبب جو اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هن ماٿريءَ کي ديوتائن جو مرڪز بڻايو اٿوَ. هن هنڌ تي اوهان انهن غير معبودن لاءِ قربانيون پئي پيش ڪيون آهن، جن معبودن کي نہ تہ اوهان پاڻ ٿي ڄاتو ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن ۽ يهوداہ جي بادشاهن ئي ٿي ڄاتو. هن هنڌ کي اوهان بي‌گناهن جي رت سان ڀري ڇڏيو آهي.


آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ