Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 7:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون بني اسرائيل کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائي ڇڏ تہ ’اوهان جو ملڪ جلد ئي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندو. هائو، سڄو ملڪ برباد ٿيڻ وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، خداوند خدا اسرائيل جي ملڪ کي ٿو فرمائي تہ پڇاڙي، يعني ملڪ جي چئني ڪُنڊن تي پڇاڙي آئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 7:2
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خدا نوح کي چيو تہ ”مون انسانذات کي ختم ڪري ڇڏڻ جو ارادو ڪيو آهي. آءٌ انهن کي بلڪل تباهہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ دنيا انهن جي ظلم سان ڀرجي ويئي آهي.


غير معبودن جون ٺهيل قربان‌گاهون ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ڪيرائي ڇڏيا ۽ بتن کي ڀڃائي دز ڪرائي ڇڏيائين. هن سڄي اسرائيل ملڪ مان لوبان ساڙڻ واريون سڀيئي قربان‌گاهون پڻ ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏيون. پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيو.


تو سمجھيو تہ تون هميشہ راڻي رهندينءَ. تنهنڪري جيڪي ڪجھہ مون ڪيو، تنهن تي تو ڪو ڌيان نہ ڏنو، ۽ نہ ئي تو انهيءَ تي ڪو غور ڪيو تہ آخر ۾ آءٌ ڇا ڪندس.


هيءَ زمين ڪيستائين سڪي سڙي پيئي هوندي ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومايل رهندي؟ منجھس رهندڙ بدڪارن جي ڪري پکي ۽ جانور بہ ناس ٿي ويا آهن. اهي بدڪار ائين بہ چون ٿا پيا تہ ”اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو خدا نہ ٿو ڏسي.“


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


بابل ملڪ جنهن ۾ بي‌شمار نديون ٿيون وهن ۽ جيڪو خزانن سان مالا مال آهي، سو پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچي ويو آهي ۽ سندس حياتيءَ جي تند ڪٽجڻ واري آهي.


جيتوڻيڪ سندس دامن گناهن جي گندگيءَ سان ڀريل هو، تڏهن بہ هن کي پنهنجي انجام بابت ڪو فڪر ڪونہ هو. پر هاڻ اها وسندي نهايت هيبتناڪ نموني سان هيٺ ڪيرائي ويئي آهي. کيس دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونهي، توڙي جو هوءَ دانهون ڪري چوي ٿي تہ ”اي خداوند! آءٌ مصيبت ۾ آهيان، منهنجي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ دشمن مون تي غالب پئجي ويا آهن.“


دشمن اسان جي پٺيان لڳا ٿي وتيا، سو اسين گھٽين ۾ بہ گھمي ڦري نہ ٿي سگھياسين. اسان جا ڏينهن اچي پورا ٿيا هئا، هائو، اسان جي پڇاڙي اچي پهتي هئي.


پوءِ جڏهن مون خداوند جو اهو پيغام پئي ٻڌايو، تڏهن اوچتو فلطياہ ولد بناياہ ڪري مري ويو. سو آءٌ منهن ڀر ڪري پيس ۽ وڏي آواز سان پڪاري چيم تہ ”هاءِ! اي خداوند! تون بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي بہ ختم ڪري ڇڏيندين ڇا؟“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل ڇو اها چوڻي دهرائيندا ٿا رهن تہ ’ڏينهن تہ گذرندا پيا وڃن ۽ ڪابہ اڳڪٿي پوري نہ ٿي ٿئي؟‘


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجو منهن يروشلم ڏانهن ڪر ۽ اتان جي رهاڪن کي مقدس هيڪل خلاف پيغام ٻڌاءِ، بلڪ بني اسرائيل جي سڄي ملڪ کي خبردار ڪر تہ


اي بڇڙا ۽ پليت اسرائيل جا بادشاهہ! تنهنجو ڏينهن، هائو، تنهنجي آخري سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي.


منهنجي تلوار ڏکڻ کان اتر تائين سڀني انسانن مٿان وهندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو منجھہ رهندڙ بدڪارن توڙي سچارن کي قتل ڪري ڇڏيندس.


جڏهن تو سان گڏ رهندڙ جلاوطن تو کان پڇن تہ ’تون ڇو ٿو آهون دانهون ڪرين؟‘ تڏهن کين ٻڌائي ڇڏج تہ انهيءَ اچڻ واري خوفناڪ خبر جي ڪري تون آهون دانهون ٿو ڪرين، جنهن جي ٻڌڻ سان سندن دليون خوف وچان ڌڙڪڻ ڇڏي ڏينديون، ڍڍر ڍرا ٿي پوندن ۽ گوڏا ڏڪڻ لڳندن. هائو، سندن همت بلڪل هارجي ويندي. ڏس، اها گھڙي اچڻ واري آهي بلڪ اچي پهتي آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


اوهين بني اسرائيل سان شروع کان ئي دشمني رکندا پيا اچو. جڏهن اهي سندن مصيبت جي ڏينهن ۾ بدڪاريءَ سبب ٻين جي هٿان تباهہ وَ برباد پئي ٿيا ۽ منجھن قتلام ۽ خونريزي ڪئي ٿي ويئي، تڏهن اوهان ساڻن ڌوڪو ڪندي انهن جي ڪا مدد نہ ڪئي.


خدا مون کي رويا ۾ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ وٺي ويو ۽ مون کي هڪڙي تمام وڏي جبل تي لاٿائين. مون ڏکڻ پاسي پنهنجي اڳيان ڪجھہ عمارتون ڏٺيون جيڪي انهيءَ جبل تي هڪڙي شهر وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آيون.


اي بني اسرائيل! هاڻي آءٌ اوهان جي ملڪ تي پنهنجو غضب نازل ڪري انهيءَ جي پڄاڻي ڪندس. هائو، اوهان جي چال چلت موجب اوهان جي عدالت ڪندس. آءٌ اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي سزا اوهان جي ملڪ تي آڻيندس.


اهو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ قادرِمطلق ڪيڏي نہ وڏي مصيبت نازل ڪري رهيو آهي. آہ! اهو خداوند جو ڏينهن ڪيڏو نہ خوفناڪ آهي!


آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم، ۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس، ۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس. آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس، جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي، اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.


خداوند پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان.“ تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم جو پڪل ميوي جيان پٽڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هاڻي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.“


اوهين ويجھو ۽ پري وارين جنگين جون ڳالهيون ٻڌندا پر گھٻرائجو نہ، ڇاڪاڻ تہ پهريائين اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون، پر اها اڃا پڄاڻي نہ هوندي.


سو خداوند چيو تہ ’جيئن تہ هي ماڻهو ضدي ۽ بي‌وفا آهن، تنهنڪري آءٌ انهن کان پنهنجو منهن موڙي ڇڏيندس، ۽ ڏسندس تہ سندن ڪهڙو انجام ٿو ٿئي.


دنيا جي خاتمي جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. تنهنڪري اوهين دعا گھرڻ لاءِ هوشيار ۽ سجاڳ رهو.


هو ٻاهر نڪري ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ڀڙڪائيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو آهي.


انهيءَ کان پوءِ مون ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا. اهي ڌرتيءَ جي چئني هوائن کي هلڻ کان روڪيو بيٺا هئا، تہ جيئن زمين، سمنڊ يا ڪنهن بہ وڻ کي طوفاني هوا نہ لڳي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ