حزقي ايل 7:17 - Muslim Sindhi Bible17-18 انهن جا هٿ ڏڪڻ لڳندا، ۽ سندن گوڏا ٿڙڪڻ لڳندا، ڇاڪاڻ تہ مٿن دهشت ڇائنجي ويئي آهي. اهي ڏک وچان کٿا ڍڪيندا، ۽ پنهنجا مٿا ۽ ڏاڙهيون ڪوڙي ڇڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀيئي خوار خراب ۽ ذليل ٿي ويا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 سڀ هٿ سست ٿيندا، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا ضعيف ٿيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن تو سان گڏ رهندڙ جلاوطن تو کان پڇن تہ ’تون ڇو ٿو آهون دانهون ڪرين؟‘ تڏهن کين ٻڌائي ڇڏج تہ انهيءَ اچڻ واري خوفناڪ خبر جي ڪري تون آهون دانهون ٿو ڪرين، جنهن جي ٻڌڻ سان سندن دليون خوف وچان ڌڙڪڻ ڇڏي ڏينديون، ڍڍر ڍرا ٿي پوندن ۽ گوڏا ڏڪڻ لڳندن. هائو، سندن همت بلڪل هارجي ويندي. ڏس، اها گھڙي اچڻ واري آهي بلڪ اچي پهتي آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“