Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 7:15 - Muslim Sindhi Bible

15 شهر کان ٻاهر جنگ جو خطرو آهي، ۽ شهر اندر وبا ۽ ڏڪار آهي. جيڪي بہ شهر کان ٻاهر نڪرندا سي جنگ ۾ ماريا ويندا، ۽ جيڪي بہ شهر ۾ آهن تن کي ڏڪار ۽ موتمار وبا ماري ناس ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ترار ٻاهران آهي، ۽ مري ۽ ڌڪار اندر وچ ۾ آهن: جيڪو ٻنيءَ ۾ آهي سو ترار سان مرندو، ۽ جيڪو شهر ۾ آهي، تنهن کي ڏڪار ۽ مرض ناس ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 7:15
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن آءٌ ٻهراڙيءَ ڏانهن نڪري ٿو وڃان تہ آءٌ انهن کي ڏسان ٿو جيڪي جنگ ۾ ماريا ويا آهن. جڏهن آءٌ شهر ۾ اچان ٿو تہ ڏڪار سبب مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتلن کي ڏسان ٿو. نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن وائڙن وانگر پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن، کين ڪابہ خبر نہ ٿي پوي تہ قوم سان هي ڇا ٿي رهيو آهي.“


اي خداوند! ڏس، مون تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي، جنهن ڪري منهنجي گھرن اندر موت ئي موت، ۽ ٻاهر منهنجي ماڻهن جو قتلام ڪيو پيو وڃي. آءٌ ڪيڏي نہ تڪليف ۾ آهيان. منهنجي آنڊن ۾ وٽ ٿا پون، منهنجي دل ڏکويل آهي، ۽ آءٌ ڏاڍي پشيمان آهيان.


سڀاڳا هئا اهي جيڪي جنگ ۾ قتل ٿي ويا. ويل آهي انهن باقي بچيلن لاءِ! جيڪي بک وگھي آهستي آهستي مريو وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ کين کاڌو نہ ملڻ ڪري اهي سڙندا ڳرندا پيا وڃن.


پر هو انهن ماڻهن مان ڪن ٿورن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا کان بچائي وٺندو، انهيءَ لاءِ تہ هو جن جن قومن ۾ وڃن اتي کين پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جو بيان ڪري ٻڌائين. تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ خداوند ئي خدا آهي جنهن اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي.‘“


باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس.


پوءِ خداوند خدا فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! پنهنجي هٿ تي هٿ هڻ ۽ پنهنجو پير زمين تي هڻ، ۽ شوڪارو ڀري چئُہ تہ ’افسوس آهي بني اسرائيل تي جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ جنگ، ڏڪار ۽ موتمار بيماريءَ سان ماريا ويندا.‘


بيشڪ جيڪي پري آهن سي وبا سان ماريا ويندا ۽ جيڪي ويجھو آهن سي جنگ ۾ ماريا ويندا. باقي جيڪي بچندا سي ڏڪار سان ماريا ويندا. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجو غضب انهن تي پورو ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ