Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 6:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جتي اهي جلاوطن ٿي رهندا. پوءِ جڏهن هو منهنجي باري ۾ سوچيندا تہ محسوس ڪندا تہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪندي ۽ بتن جي پوڄا ڪندي منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. تڏهن اهي پنهنجي ڪيل ڪراهت جهڙن ڪمن سبب پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ جيڪي اوهان مان ڀڄي نڪرندا، سي جن قومن ۾ قيد ٿي کڄي ويندا، تن ۾ مون کي ياد ڪندا، تہ ڪيئن نہ مون سندن زناڪار دل، جا مون کان پري ٿي آهي، ۽ سندن اکيون، جي سندن بُتن جي پٺيان زناڪاري ڪنديون وتن، تن کي ڀڃي ڇڏيو آهي: ۽ جيڪي خرابيون هنن پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سان ڪيون آهن، تن جي ڪري هو خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي نفرتي ڄاڻندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 6:9
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آخز بادشاهہ اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر سان ملڻ لاءِ دمشق ويو. هن اتي هڪ قربان‌گاهہ ڏٺي. آخز بادشاهہ انهيءَ قربان‌گاهہ جو نقشو ۽ ان جي ٺاهڻ جو طريقو تفصيل سان اورياہ ڪاهن ڏانهن ڏياري موڪليو.


تڏهن نہ رڳو پنهنجي چيل ڳالهين جي ڪري آءٌ پاڻ کي ننديان ٿو، بلڪ مٽي ۽ رک مٿي ۾ وجھي توبهہ ٿو ڪريان.“


اسان بابل جي ندين جي ڪناري ويٺي ڏاڍو رنو. هائو، اسان اتي صيئون کي ياد ڪري رنو پئي.


ڪيڏا نہ ڀيرا هنن بيابان ۾ ساڻس سرڪشي ڪئي آهي! هائو، ڪيڏا نہ ڀيرا هنن رڻ‌پٽ ۾ کيس رنجايو آهي!


اوهان منهنجي لاءِ پئسا خرچ ڪري لوبان ڪونہ ورتو، نڪي پنهنجن جانورن جي قربانيءَ واري سڻڀي مال سان مون کي راضي ڪيو اٿوَ. اٽلندو اوهان پنهنجي گناهن سان مون کي تڪليف ڏني، ۽ پنهنجي بدڪارين سان مون کي بيزار ڪري ڇڏيو.


پر هنن ساڻس بغاوت ڪئي، ۽ سندس پاڪ روح کي رنجايائون. تنهنڪري هو ڦري سندن دشمن بڻيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


اسين سڀ جو سڀ گناهہ ڪرڻ ڪري پليت ٿي پيا آهيون. ايتري قدر جو اسان جا سمورا ڪم جيڪي سچائيءَ وارا سمجھيا ٿا وڃن، سي بہ حيض لڳل ڪپڙي وانگر پليت ٿي پيا آهن. اسين سڀ سڪل پنن وانگر ڪومائجي ڪري ٿا پئون، ۽ اسان جون بدڪاريون اسان کي هوا وانگر اُڏايو ڇڏين.


تنهن تي يسعياہ آخز کي چيو تہ ”اي دائود جو اولاد! هاڻي تون ٻڌ. ڇا تنهنجي نظر ۾ اها ڪا معمولي ڳالهہ آهي جو تون ماڻهن جي صبر کي آزمائين ٿو ۽ وري هاڻي تون منهنجي خدا جي صبر کي بہ آزمائڻ چاهين ٿو!


اوهين رڳو پنهنجو گناهہ باسيو تہ اوهان منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڌارين معبودن ڏانهن رجوع ڪيو اٿوَ ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪانہ ڪئي اٿوَ.


يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”ڏٺئِہ، اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم ڇا ڇا ڪيو؟ هن ٽڪر تي ٺهيل هر ڪنهن جاءِ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ وڃي بت‌پرستي ڪندي ڪڃريءَ وانگر زناڪاري ڪئي آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهين جيڪي يروشلم جي برباديءَ وقت موت کان بچي پري پري نڪري ويا هئا، سي بابل مان نڪري وڃو، دير نہ ڪريو. اوهين مون خداوند کي ياد رکو ۽ يروشلم کي نہ وساريو.


پر هو انهن ماڻهن مان ڪن ٿورن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا کان بچائي وٺندو، انهيءَ لاءِ تہ هو جن جن قومن ۾ وڃن اتي کين پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جو بيان ڪري ٻڌائين. تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ خداوند ئي خدا آهي جنهن اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي.‘“


تو اهي ڏينهن وساري ڇڏيا آهن تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي پرورش ڪئي جڏهن تون اڃا ننڍپڻ ۾ هئينءَ، پر تو پنهنجي سڀني ڪمن سان مون کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري ياد رک، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ بہ تنهنجي چال چلت جي سزا تنهنجي ئي سر تي آڻيندس.“ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! ڇا تو پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان علاوہ زناڪاري پڻ نہ ڪئي آهي؟


جڏهن تون پنهنجي وڏي ۽ ننڍي ٻنهي ڀينرن سان وري ملندينءَ، تڏهن تون پنهنجي چال چلت کي ياد ڪري شرمسار ٿيندينءَ. آءٌ اهي تو کي ڌيئرون ڪري عطا ڪندس، پر اهو سڀ ڪجھہ منهنجي انهيءَ عهد اقرار جو حصو نہ هوندو.


آءٌ تنهنجيون ڪيل سڀيئي بدڪاريون معاف ڪري ڇڏيندس. پر تون اهي ياد ڪري پشيمان ٿيندينءَ ۽ شرم وچان وري اڳتي هڪ لفظ بہ نہ ڪڇندينءَ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


مون اهو قسم انهيءَ ڪري کنيو جو هنن منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، بلڪ منهنجي قاعدن قانونن کي رد ڪري ڇڏيائون. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪئي ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي ٺاهيل بتن جي پوڄا ڪندا رهيا.


جڏهن مون هنن کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي ڏيڻ جو مون ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن هنن هر ٽڪر تي ۽ هر گھاٽي اوچي وڻ هيٺ غير معبودن جي پوڄا ڪئي. اتي هنن لوبان ساڙيو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پڻ پيش ڪيون. هائو، هنن پنهنجيون قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪري مون کي غضب ڏياريو.


پوءِ اتي اوهين پنهنجي بڇڙائيءَ واري چال چلت ۽ پنهنجا ڪيل ڪراهت وارا ڪم ياد ڪري پنهنجو پاڻ کان نفرت ڪندا، ڇاڪاڻ تہ انهن سڀني بدڪارين جي ڪري اوهين پليت ٿيا هئا.


مون کين چيو هو تہ ’اوهان مان هر ڪو انهن ڪراهت جهڙن بتن کي ڪڍي اڇلائي ڇڏي جن کي اوهين چاهيو ٿا. اوهين مصر جي بتن جي پوڄا ڪرڻ سان پاڻ کي پليت نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا آهيان.‘


اهي سڀ ڳالهيون تو سان ضرور ڪيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ تون ڪسبياڻيءَ جيان پنهنجي يارن يعني غير قومن جي پٺيان لڳي آهين ۽ انهن جي بتن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي پليت ڪيو اٿيئي.


اهڙيءَ طرح منهنجو غضب پورو ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجو غصو انهن تي ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ملندو. هائو، جڏهن آءٌ مٿن پنهنجو قهر پورو ڪندس، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي غيرت وچان ڪيو هو.


هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کين جيڪي تنبيهون ڪيون هيون سي خالي دڙڪا نہ هئا.‘“


تڏهن جيڪي انهن مان ڀڄي نڪرندا، سي بچي تہ ويندا، پر ماٿريءَ جي انهن ڪبوترن وانگر هوندا، جيڪي ڊپ وچان جبلن تي نڪري ويا هجن، ۽ اتي اهي ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري پيا روئندا رڙندا.


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


ڏسو، آءٌ اوهان کي ائين چيڀاٽي ڇڏيندس، جيئن اناج سان ڀريل ڪا گاڏي ڪنهن کي چيڀاٽي ڇڏيندي آهي.


آءٌ اوهان جون تراشيل مورتيون، ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر، ۽ يسيرہ نالي اوهان جي ديويءَ جا کوڙيل بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس. بلڪ آءٌ اوهان جا بت‌پرستيءَ وارا شهر بہ ناس ڪري ڇڏيندس. اوهين اڳتي وري ڪڏهن بہ پنهنجي هٿن سان جوڙيل شين جي پوڄا نہ ڪندا.


جيتوڻيڪ مون کين غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي، تہ بہ هو ڏورانهن ملڪن ۾ مون کي ياد ڪندا. هو پنهنجي اولاد سميت زندہ رهندا ۽ وطن موٽي ايندا.


اهي ڦندڻ اوهان کي يادگيريءَ جو ڪم ڏيندا. جنهن بہ وقت اوهان جي نظر انهن تي پوندي تہ اوهان کي مون خداوند جا سڀ حڪم ياد ايندا ۽ اوهين انهن تي عمل ڪندا. پوءِ اوهين مون کان منهن موڙي پنهنجي نفساني خواهشن جي پٺيان نہ ويندا.


اهي زناڪاريءَ لاءِ هر وقت عورتن کي بري نظر سان پيا ڏسن ۽ گناهن کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ڪمزور ايمان وارا آهن، تن کي هو غلط ڪمن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڦاسايو ٿا وٺن. اهي لالچ ڪرڻ جا ماهر ۽ لعنتي آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ