حزقي ايل 6:6 - Muslim Sindhi Bible6 آءٌ بني اسرائيل جي سڀني شهرن ۽ ٽڪرن تي ٺهيل سندن پوڄا گھرن کي ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، نہ رڳو سندن بت، قربانگاهون ۽ لوبان ساڙڻ واريون قربانگاهون، بلڪ هنن جي ٺاهيل هر شيءِ کي آءٌ تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 اوهانجن سڀني رهڻ وارن هنڌن جا شهر ويران ڪيا ويندا، ۽ مٿانهان مڪان سڃا ڪيا ويندا؛ تہ اوهانجون قربانگاهون ويران ۽ سُڃيون ٿي وڃن، ۽ اوهان جا بُت ڀڄي پون ۽ نابود ٿي وڃن، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍجي ڪِري پون، ۽ اوهان جي ڪاريگريءَ جا ڪم ناس ٿي وڃن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند خدا فرمايو تہ ”آءٌ مصر ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جو سڄي ملڪ ۾ دهشت ڦهلجي ويندي، ۽ ملڪ جو ڪوبہ حڪمران باقي نہ رهندو. آءٌ مصر جي وڏي شهر نوف تي روز روشن مصيبت آڻيندس، هائو، انهيءَ کي بتن ۽ مورتين سميت نابود ڪري ڇڏيندس. آءٌ فتروس جو علائقو اجاڙي ڇڏيندس، ۽ ضعن شهر ۾ باهہ لڳائي ڇڏيندس. آءٌ وڏي شهر نوآمون کي بہ سزا ڏيندس، انهيءَ جو قلعو ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اتان جي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس. سين شهر جيڪو مصر جو مضبوط قلعو آهي، تنهن تي آءٌ پنهنجو قهر نازل ڪري اتان جي ماڻهن کي وڏي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندس.
آءٌ سامريہ جي قيمتي بتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس. هائو، انهيءَ جي سڀني بتن کي ڀڃي ڍير ڪيو ويندو، ۽ انهيءَ جي پوڄا گھرن جي ڪڃرين کي ڏنل هر شيءِ ساڙي رک ڪئي ويندي. سامريہ وارن پوڄا گھرن جي ڪڃرين جي اجرت مان جيڪي سون ۽ چاندي گڏ ڪيا آهن، سي سڀيئي ڌاريا ماڻهو کڻي ٻين ڪڃرين کي اجرت طور ڏيڻ ۾ استعمال ڪندا.“