حزقي ايل 6:5 - Muslim Sindhi Bible5 هائو، آءٌ اوهان جي رهاڪن جا لاش سندن بتن اڳيان اڇلائي ڇڏيندس ۽ انهن جا هڏا سندن قربانگاهن جي چوڌاري پکيڙي ڇڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 ۽ آءٌ بني اسرائيل جا مڙهہ سندن بُتن جي اڳيان رکندس؛ آءٌ اوهان جا هڏا اوهانجين قربانگاهن جي آس پاس پکيڙيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڏس، هي هيڪل ڌرتيءَ تي منهنجو تختگاهہ آهي جتي آءٌ هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهي حڪمراني ڪندس. هاڻي اڳتي بني اسرائيل منهنجي پاڪ نالي جي وري ڪڏهن بہ بيحرمتي نہ ڪندا، يعني نہ اهي، نڪي سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ نہ وري بادشاهن جي يادگاريءَ لاءِ مقبرا ٺاهيندا.