Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 6:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اوهان جون قربان‌گاهون ڊاهيون وينديون ۽ اوهان جون لوبان ساڙڻ واريون قربان‌گاهون پڻ ڀورا ڀورا ڪيون وينديون. آءٌ بتن جي پوڄا ڪرڻ وارن سڀني کي سندن بتن جي اڳيان ماري اڇلائي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ اوهان جون قربانگاهون سڀ ويران ٿينديون، ۽ اوهان جون سج جون مورتون ڀڄي پونديون، ۽ آءٌ اوهان جا ڪُٺل ماڻهو اوهانجن بُتن جي اڳيان اُڇلائي وجهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 6:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُهو ماڻهو خدا جي حڪم سان قربان‌گاهہ خلاف وڏي واڪي چوڻ لڳو تہ ”قربان‌گاهہ! اي قربان‌گاهہ! خداوند فرمائي ٿو تہ ’ڏس، دائود جي گھراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو. اُهو غير معبودن وارن پوڄا گھرن جي انهن مذهبي اڳواڻن کي تو تي قرباني ڪندو جيڪي اڄ تو تي قربانيون پيش ڪن ٿا. هائو، انساني هڏا تو تي ساڙيا ويندا.‘“


يوسياہ بتن جا کوڙيل پٿر ڀورا ڀورا ڪرائي ڇڏيا ۽ يسيرہ ديويءَ وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڀڃرائي ڪيرائي ڇڏيائين ۽ انهن جون جايون مري ويلن جي هڏن سان ڀرائي ڇڏيائين.


هن يهوداہ ملڪ جي سڀني شهرن مان ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن وارا پوڄا گھر ۽ سندن لوبان ساڙڻ واريون قربان‌گاهون ختم ڪرائي ڇڏيون ۽ سندس هٿ هيٺ بادشاهت ۾ امن وَ امان رهيو.


پر بني اسرائيل جي ڏوهن ۽ گناهن کي پوريءَ طرح معاف ڪرڻ جو رڳو هڪڙو ئي رستو آهي، تہ اهي غير معبودن جي قربان‌گاهہ جا سڀ پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين، ۽ يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ لوبان ساڙڻ وارين قربان‌گاهن جو نالو نشان بہ نہ رهڻ ڏين.


سج ديوتا جو پوڄا گھر، جيڪو مصر ۾ آهي، تنهن جا ٿنڀي جيان کوڙيل مجسما هو ڀڃي ڇڏيندو ۽ مصر جي بتخانن کي باهيون ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.‘“


تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ياد رکو، اُهو ڏينهن اچي رهيو آهي جنهن ڏينهن ماڻهو ان کي آئيندہ ’توفت‘ يا ’هنوم ماٿري‘ نہ سڏيندا پر ’ڪوس جي ماٿري‘ ڪري سڏيندا، ڇاڪاڻ‌‌تہ قتل ٿي ويلن جي لاشن پورڻ جي جاءِ نہ هئڻ سبب توفت بہ قبرستان بڻجي ويندو.


پوءِ انهن ماڻهن جا لاش هر انهيءَ جاءِ تي پيا هوندا جتي هو پنهنجي بتن لاءِ خوشبودار نذرانا پيش ڪندا هئا. هائو، اهي اتي سندن قربان‌گاهن جي چوڌاري توڙي سندن بتن جي وچ ۾ پيا هوندا، يعني سندن سڀني ٽڪرين تي ٺهيل پوڄا گھرن ۾، سڀني جبلن جي چوٽين تي، هر سائي وڻ ۽ شاهہ‌بلوط جي وڻ هيٺ. تڏهن سڄي بني اسرائيل قوم ڄاڻي وٺندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


آءٌ ٽڪر تي ٺهيل اوهان جي غير معبودن وارا پوڄا گھر ڊاهي ڇڏيندس ۽ اوهان جون لوبان واريون قربان‌گاهون ڀڃي ڪيرائي ڇڏيندس. اوهان جا لاش آءٌ اوهان جي بي‌جان معبودن مٿان اڇلائي ڍير ڪندس. مون کي اوهان کان سخت نفرت ٿي ويندي.


وري ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي ڇا ڏسن تہ دجون بت خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي ۽ سندس سسي ۽ ٻئي هٿ در جي چانئٺ تي وڍيا پيا آهن. رڳو سندس ڌڙ باقي بچيل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ