Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 6:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون پنهنجو منهن بني اسرائيل جي ملڪ جي جبلن ڏانهن ڪر ۽ انهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، تون پنهنجو منهن اسرائيل جي جبلن ڏانهن ڪر ۽ انهن جي برخلاف نبوت ڪر

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 6:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون پنهنجي قوم جي انهن عورتن ڏانهن ڌيان ڏي، جيڪي پنهنجي دلين مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿيون ڪن. تون انهن جي خلاف


پوءِ هنن انهيءَ کي لوهي ڪنڍا وجھي جڪڙي بند ڪيو، ۽ بابل جي بادشاهہ وٽ کڻي ويس. هنن اتي ان کي هڪڙي قلعي ۾ بند ڪري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي گجگوڙ جو آواز بني اسرائيل جي جبلن تي وري ٻڌڻ ۾ نہ اچي.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجو منهن ڏکڻ ڏانهن ڪري انهيءَ سان مخاطب ٿيءُ ۽ ڏکڻ جي ميدان واري ٻيلي خلاف اڳڪٿي ڪر.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجو منهن يروشلم ڏانهن ڪر ۽ اتان جي رهاڪن کي مقدس هيڪل خلاف پيغام ٻڌاءِ، بلڪ بني اسرائيل جي سڄي ملڪ کي خبردار ڪر تہ


جڏهن تو سان گڏ رهندڙ جلاوطن تو کان پڇن تہ ’تون ڇو ٿو آهون دانهون ڪرين؟‘ تڏهن کين ٻڌائي ڇڏج تہ انهيءَ اچڻ واري خوفناڪ خبر جي ڪري تون آهون دانهون ٿو ڪرين، جنهن جي ٻڌڻ سان سندن دليون خوف وچان ڌڙڪڻ ڇڏي ڏينديون، ڍڍر ڍرا ٿي پوندن ۽ گوڏا ڏڪڻ لڳندن. هائو، سندن همت بلڪل هارجي ويندي. ڏس، اها گھڙي اچڻ واري آهي بلڪ اچي پهتي آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! عمونين ڏانهن ڌيان ڏي ۽ سندن خلاف اڳڪٿي ڪر.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صيدا شهر ڏانهن پنهنجو رخ ڪري ان جي خلاف اڳڪٿي ڪر.


آءٌ هن ملڪ کي سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي طاقت جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندس. بني اسرائيل جي ملڪ جو جابلو علائقو اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو ڪوبہ انهيءَ علائقي مان نہ لنگھندو.


هائو، آءٌ انهن کي سٺن چراگاهن ۾ چاريندس. انهن جو واڙو سندن ملڪ جي مٿاهن جبلن تي هوندو، جتي اهي سرسبز چراگاهن ۾ سائي گاهہ تي آرام سان پيون چرنديون.


پوءِ اوهين بہ ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. بني اسرائيل جي ملڪ جي جابلو علائقن بابت اوهان جيڪا بڪواس ڪئي آهي تہ ”هاڻي اهو ملڪ اهڙيءَ حالت ۾ آهي جو اسين ان کي آسانيءَ سان ڳهي سگھون ٿا.“ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ٻڌو آهي.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! دشمن ٻٽاڪ هڻي چون ٿا تہ ’واہ واہ! هاڻي بني اسرائيل جي ملڪ جا قديم جبل اسان جا آهن.‘


آءٌ انهن کي سندن ملڪ ۾، سندن ئي جبلن منجھہ گڏي هڪڙي ئي قوم بڻائيندس. انهن سڀني تي هڪڙو ئي بادشاهہ حڪومت ڪندو. پوءِ اهي وري ڪڏهن بہ ٻن قومن يا ٻن بادشاهتن جي صورت ۾ ورهائجي نہ ويندا.


انهيءَ دوران تون پنهنجيون اکيون يروشلم جي گھيري ڏانهن کُپائج ۽ شهر مٿان پنهنجي مڪ لوڏي انهيءَ جي خلاف مون خداوند جو پيغام ٻڌائج.


انهيءَ ئي وقت يشوع هنن جابلو علائقن ۾ وڃي عناق جي راڪاس جهڙي اولاد کي سندن شهرن سميت ناس ڪري ڇڏيو: حبرون شهر، دبير شهر، عناب شهر، يهوداہ جو سمورو جابلو علائقو ۽ پڻ اسرائيل جو سمورو جابلو علائقو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ