حزقي ايل 6:14 - Muslim Sindhi Bible14 هائو، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ ڏکڻ ۾ بيابان کان وٺي اتر ۾ دبلا شهر تائين سندن سڀني رهڻ وارن هنڌن کي ويران ۽ غيرآباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 ۽ آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ ڊگهيريندس، ۽ بيابان کان وٺي دبلا تائين هنن جي سڀني رهڻ وارن هنڌن ۽ ملڪن کي ويران ۽ غير آباد ڪندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري ياد رکو، آءٌ اوهان تي پنهنجو هٿ کڻي اوهان کي دشمنن جي حوالي ڪندس، جيڪي اوهان کي لٽيندا ڦريندا. آءٌ اوهان کي پوريءَ طرح برباد ڪري ڇڏيندس، ايتري قدر جو اڳتي اوهين ڪا قوم نہ رهندا، نڪي وري اوهان جو پنهنجو ڪو ملڪ ئي رهندو. هائو، آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ئي ڪيو آهي.‘“