Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 6:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ انهن ماڻهن جا لاش هر انهيءَ جاءِ تي پيا هوندا جتي هو پنهنجي بتن لاءِ خوشبودار نذرانا پيش ڪندا هئا. هائو، اهي اتي سندن قربان‌گاهن جي چوڌاري توڙي سندن بتن جي وچ ۾ پيا هوندا، يعني سندن سڀني ٽڪرين تي ٺهيل پوڄا گھرن ۾، سڀني جبلن جي چوٽين تي، هر سائي وڻ ۽ شاهہ‌بلوط جي وڻ هيٺ. تڏهن سڄي بني اسرائيل قوم ڄاڻي وٺندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن هنن جا ڪُٺل ماڻهو، سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي، سڀني جبلن جي چوٽين تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ، ۽ سڀ ڪنهن شاهہ بلوط جي وڻ هيٺ، جتي هو پنهنجن سڀني بُتن لاءِ خوشبودار نذرانا چاڙهيندا هئا، اُتي سندن قربانگاهن جي چوڌاري، سندن بُتن جي وچ ۾، پيا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 6:13
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن پنهنجي لاءِ غير معبودن وارا پوڄا گھر ٺاهيا. هنن ٽڪرين تي ۽ وڏي ڇانوري وارن وڻن هيٺ پٿر جا ٿنڀا ۽ يسيرہ ديويءَ جون مورتيون بہ لڳايون.


هو غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾، ٽڪرين جي چوٽين تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندو هو.


اي يروشلم وارؤ! اوهين نهايت خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان شاهہ‌بلوط وڻن کي خوشيءَ سان پئي پوڄيو آهي، ۽ ديوتائن جي پوڄا لاءِ اوهان باغ پئي لڳايا آهن.


هاڻ اي خداوند اسان جا خدا! اسان کي هن جي هٿن مان ڇڏاءِ، تان‌تہ دنيا جون سڀ قومون ۽ بادشاهہ ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون ئي خدا آهين.“


انهيءَ ڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي پاڪ صاف بڻائي ديوتائن جي پوڄا وارن باغن ۾ وڃن ٿا ۽ جيڪي سوئر، ڪوئا ۽ ٻيون ڪراهت جهڙيون شيون کائين ٿا، تن سڀني کي آءٌ خداوند چٽ ڪري ڇڏيندس،


اي يروشلم! خدا تنهنجي رهاڪن کي اهي ئي ڪم ڪندي ڏٺو آهي، جن ڪراهت جهڙن ڪمن کان هن کي نفرت آهي. هن کين ٽڪرين ۽ ٻنين ۾ ڌارين معبودن پٺيان ويندي ڏٺو آهي، جيئن ڪو زناڪار ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پوندو آهي، يا جيئن ڪو سانهِي گھوڙو گھوڙيءَ جي پٺيان پوندو آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان لاءِ ويل آهي! ڪيستائين اوهين ناپاڪ رهندءُ.


خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! گھڻو اڳي مون تنهنجي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي هئي، ۽ تنهنجا قيد وارا رسا ٽوڙي ڇڏيا هئا. پر تو چيو تہ ’آءٌ خدا جي تابعداري نہ ڪنديس،‘ جڏهن تہ تون بتن جي پوڄا ۾ هر ڪنهن اوچي ٽڪريءَ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڪڃريءَ وانگر ٽنگون ٽيڙيو پيئي آهين.


يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”ڏٺئِہ، اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم ڇا ڇا ڪيو؟ هن ٽڪر تي ٺهيل هر ڪنهن جاءِ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ وڃي بت‌پرستي ڪندي ڪڃريءَ وانگر زناڪاري ڪئي آهي.


هن ڪڏهن بہ بتن تي قربان ڪيل گوشت نہ کاڌو هجي ۽ نہ وري اوهان بني اسرائيل جي بتن جي پوڄا ڪئي هجائين. هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي بي‌حرمتي نہ ڪئي هجي ۽ نہ وري ڪنهن عورت جي حيض واري وقت ۾ ساڻس ستو هجي.


جڏهن مون هنن کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي ڏيڻ جو مون ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن هنن هر ٽڪر تي ۽ هر گھاٽي اوچي وڻ هيٺ غير معبودن جي پوڄا ڪئي. اتي هنن لوبان ساڙيو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پڻ پيش ڪيون. هائو، هنن پنهنجيون قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪري مون کي غضب ڏياريو.


پوءِ اهي هڪڙي عمدي پلنگ تي چڙهي ويٺيون. سندن اڳيان عمدين شين سان سجايل هڪڙي ميز رکيل هئي. هنن انهيءَ تي منهنجي لاءِ مخصوص ٿيل لوبان ۽ زيتون جو تيل آڻي رکيو.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڏس، هي هيڪل ڌرتيءَ تي منهنجو تخت‌گاهہ آهي جتي آءٌ هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهي حڪمراني ڪندس. هاڻي اڳتي بني اسرائيل منهنجي پاڪ نالي جي وري ڪڏهن بہ بي‌حرمتي نہ ڪندا، يعني نہ اهي، نڪي سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ نہ وري بادشاهن جي يادگاريءَ لاءِ مقبرا ٺاهيندا.


اهي جبلن جي چوٽين تي رکيل بتن جي آڏو وڃي نذرانا ٿا پيش ڪن. ٽڪرين تي جيڪي شاهہ‌بلوط، ديال ۽ تارپين جا ڇانويري وارا وڻ آهن، تن جي هيٺان وڃي اهي قربانيون ٿا ڪن. اي اسرائيل وارؤ! اوهان جون نوجوان ڌيئرون، ۽ ننهرون پوڄا ڪندي زنا ٿيون ڪرائين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن يروشلم جي مڇيءَ واري دروازي وٽان هڪ وڏي رڙ اٿندي، تہ نئين آباديءَ واري علائقي مان ماتم جو آواز، ۽ ٽڪرين مان هڪ وڏي تباهيءَ وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ