Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 6:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ خداوند خدا فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! پنهنجي هٿ تي هٿ هڻ ۽ پنهنجو پير زمين تي هڻ، ۽ شوڪارو ڀري چئُہ تہ ’افسوس آهي بني اسرائيل تي جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ جنگ، ڏڪار ۽ موتمار بيماريءَ سان ماريا ويندا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي هٿ سان ڌڪ هڻ، ۽ پنهنجو پير زمين تي هڻ، ۽ چئُہ تہ افسوس آهي بني اسرائيل جي سڀني خراب ڪراهت جهڙن ڪمن تي: ڇالاءِ جو اُهي سڀ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان ڪِرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 6:11
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند مون کي فرمايو تہ ”پڪار، ايترو وڏي آواز سان پڪار، جيترو پڪاري سگھين ٿو. نفيل وانگر پنهنجو آواز بلند ڪر، ۽ منهنجي قوم بني اسرائيل کي سندن گناهہ ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


اهي موتمار بيمارين وگھي مرندا. هنن تي نہ تہ ڪو روئڻ پٽڻ وارو هوندو ۽ نہ وري کين ڪو دفن ڪرڻ وارو هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا. هو جنگ ۽ ڏڪار سان ناس ٿي ويندا ۽ سندن لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻبا.


آءٌ انهن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، تان جو جيڪو ملڪ مون هنن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن مان هو مٽجي ويندا.“


آہ! اهو ڏينهن ڪيڏو نہ هيبتناڪ هوندو! ان جهڙو ڏينهن نہ ڪڏهن ٿيو آهي ۽ نہ ٿيندو. اهو ڏينهن منهنجي قوم لاءِ مصيبت جو ڏينهن هوندو، پر هو انهيءَ منجھان بچي نڪرندا.“


سو هاڻي پڪ ڄاڻو تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جو ارادو رکو ٿا، اتي اوهين جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري کپي ويندا.“


ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.


مون يرمياہ چيو تہ ”آءٌ جبلن جي ويرانيءَ تي روئندس رڙندس، ۽ چراگاهن جي برباديءَ تي مرثيہ چوندس. ڪوئي اتان گذري بہ ڪين ٿو، ۽ نہ اتي ڍورن جي ڍِڪَڻ جو آواز ٻڌجي ٿو، ڇاڪاڻ تہ پکي توڙي جانور سڀ اتان هليا ويا آهن.“


سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ پنهنجيون اهي چار ئي وڏيون آفتون يعني جنگ، ڏڪار، خونخوار جھنگلي جانور ۽ وبا يروشلم تي نازل ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪريان ۽ پوءِ بني اسرائيل ملڪ جو حال ڪيڏو نہ وڌيڪ خراب هوندو!


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هڪڙو نقشو ٺاهہ جنهن ۾ بابل جي بادشاهہ جو تلوار سميت ٻاهر نڪرڻ جو رستو نشان طور ڏيکار. پر اڳتي هلي انهيءَ مان ٻن رستن جي نڪرڻ جو نشان ڏيکار. هڪڙو رستو هڪڙي شهر ڏانهن وڃي ۽ ٻيو رستو ٻئي شهر ڏانهن وڃي. انهن شهرن جي نالن جون تختيون لڳل بہ ڏيکار.


اوهان بني اسرائيل سان ايتري تہ سخت نفرت ڏيکاري آهي جو انهن جي ملڪ جي برباديءَ تي تاڙيون وڄائي خوشيءَ مان ٽپا ڏنا اٿوَ ۽ دل وَ جان سان جشن ملهايا اٿوَ.


آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين جيڪي ويران ٿيل شهرن ۾ رهو ٿا تن کي آءٌ جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي ٻهراڙين ۾ رهو ٿا تن کي آءٌ جھنگلي جانورن جي حوالي ڪندس تہ جيئن اهي اوهان کي ڳڙڪائي ڇڏين، جيڪي مضبوط قلعن ۽ غارن ۾ رهو ٿا، تن کي آءٌ موتمار بيماريءَ سان ماري ڇڏيندس.


باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس.


هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کين جيڪي تنبيهون ڪيون هيون سي خالي دڙڪا نہ هئا.‘“


وقت اچي پهتو آهي، اهو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي. سو نہ خريد ڪندڙ خوشي ڪري، نہ وڪڻندڙ غمگين ٿئي، ڇاڪاڻ تہ مون خدا جو غضب سڀني تي هڪجهڙو اچي ڪڙڪندو.


شهر کان ٻاهر جنگ جو خطرو آهي، ۽ شهر اندر وبا ۽ ڏڪار آهي. جيڪي بہ شهر کان ٻاهر نڪرندا سي جنگ ۾ ماريا ويندا، ۽ جيڪي بہ شهر ۾ آهن تن کي ڏڪار ۽ موتمار وبا ماري ناس ڪري ڇڏيندي.


خداوند کيس فرمايو تہ ”تون يروشلم جي سڄي شهر وچان لنگھي وڃ ۽ انهن ماڻهن جي پيشانيءَ تي نشان ڪر، جيڪي شهر ۾ ڪراهت جهڙن ڪمن ٿيڻ ڪري دانهون ڪن ٿا ۽ روئن رڙن ٿا.“


اهو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ قادرِمطلق ڪيڏي نہ وڏي مصيبت نازل ڪري رهيو آهي. آہ! اهو خداوند جو ڏينهن ڪيڏو نہ خوفناڪ آهي!


خداوند قادرِمطلق خدا ٿو فرمائي تہ ”سڀني چونڪن تي بلڪ سڀني گھٽين ۾ ’واءِ‌ويلا! واءِ‌ويلا!‘ پڪاريو ويندو. انهيءَ کان علاوہ نہ رڳو معاوضو وٺندڙ ماهر مرثياخوانن کي بلڪ هارين کي بہ ماتم ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو.


تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن پنهنجا هٿ مهٽيندي بلعام کي چيو تہ ”مون تہ تو کي انهيءَ لاءِ سڏايو هو تہ منهنجي دشمنن تي لعنت ڪر، پر تو تہ هنن کي اٽلندو ٽي ڀيرا برڪت ڏني آهي.


اهي سندس ايذاءَ ڏسي ڊپ وچان پري بيهي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي وڏا ۽ مضبوط شهر بابل! تو کي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ