حزقي ايل 5:2 - Muslim Sindhi Bible2 انهن جو پهريون حصو گھيري جي انهن ڏينهن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ سر تي نڪتل شهر جي نقشي جي وچ ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏ. ٻيو حصو کڻي شهر جي چوڌاري هيڏي هوڏي پکيڙي انهن وارن کي تلوار سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏ. وارن جي آخري ٽئين حصي کي تون هوا ۾ پکيڙي ڇڏ، تن وارن يعني ماڻهن جو آءٌ تلوار کڻي پيڇو ڪندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible2 انهي جون ٽيون حصو، گهيري جي ڏينهن پوري ٿيڻ کانپوءِ شهر جي وچ ۾ باهہ سان ساڙ؛ ۽ ٽيون حصو کڻي انهي کي ترار سان هيڏي هوڏي ڌڪ هڻ؛ ۽ ٽيون حصو هوا ۾ پکيڙي ڇڏ، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ترار ڪڍندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪڏهن هو تو کان پڇن تہ ’اسين ڪيڏانهن وڃون؟‘ تہ پوءِ تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’جن جي مقدر ۾ وبا لکيل آهي، سي انهيءَ موتمار بيماريءَ سان وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ تلوار لکيل آهي، سي جنگ ۾ وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ ڏڪار لکيل آهي، سي اڃ ۽ بک ۾ وڃي مرن، ۽ جن جي مقدر ۾ قيد لکيل آهي، سي ڌارين ملڪن ۾ قيد ٿي وڃن.‘