Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 5:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اهڙيءَ طرح جڏهن آءٌ قهر ۽ غضب وچان ۽ سخت ملامت سان باقي بچيل يروشلم وارن کي سزا ڏيندس، تڏهن انهن جي آس‌پاس واريون سڀيئي قومون ڊڄي وينديون. اهي انهن ڏانهن ڪراهت، طعني، عبرت ۽ هيبت وچان ڏسنديون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 انهي طرح جڏهن آءٌ ڪاوڙ ۽ غصي ۾، ۽ خوفناڪ ملامتن سان، تو منجهہ عدالتن جي تعميل ڪندس، تڏهن جيڪي قومون تنهنجي چوڌاري آهن تن ۾ اهو ڪم ملامت، ۽ طعنو، ۽ عبرت، ۽ حيرت ٿيندو: مون خداوند ائين فرمايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 5:15
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ پوءِ آءٌ بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جيڪو مون کين ڏنو آهي، ۽ هيءَ هيڪل جنهن کي مون پنهنجي نالي تي مخصوص ڪيو آهي، تنهن کي رد ڪري ڇڏيندس. بني اسرائيل پوءِ سڀني قومن ۾ هڪڙو پهاڪو ۽ ٽوڪن‌هاب ٿي پوندا.


اهو ئي سبب آهي جو خداوند جو غضب يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ تي اچي ڪڙڪيو. هن انهن کي اهڙي مصيبت ۾ وڌو جو اهي ڏهڪاءَ ۽ حيرت جو سبب بڻيا، جيڪو اوهين اڄ بہ ڄاڻو ٿا.


جڏهن تون بڇڙائيءَ تي ڇينڀي انسانن کي سيکت ڏين ٿو، تڏهن جيئن ڪينئان ماس کائي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن، تيئن تون سندن پيارين شين کي ڳاري ساڙي ٿو ڇڏين. بيشڪ هر انسان رڳو ٻاڦ مثل آهي.


آس‌پاس جي غير قومن اڳيان اسين طعنن جو نشانو بڻيا آهيون، هائو، هو اسان جو حال ڏسي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.


سڄي رات اسين پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجا مشتاق ٿا رهون. هائو، اسين هميشہ تنهنجا طالبو ٿا رهون، ڇاڪاڻ تہ جڏهن تنهنجا فيصلا هن ڌرتيءَ تي نازل ٿين ٿا، تڏهن سڄي دنيا وارا سچائيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا.


تنهنڪري مون مخصوص ٿيل ڪاهنن کي ناپاڪ قرار ڏنو. مون بني يعقوب تي لعنت آندي، هائو، مون بني اسرائيل کي ملامت جوڳو بڻايو.“


آءٌ هنن تي هميشہ جي خواري ۽ هميشہ جي شرمندگي آڻيندس، جيڪا ڪنهن کان بہ ڪين وسرندي.“


آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا کي سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندس ۽ کين ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن قومن ۾ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس تن سڀني ۾ هو لعنت، عبرت، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا.


هاڻ اي پيارا يروشلم! تو وٽان لنگھندڙ سڀيئي ماڻهو ڪنڌ لوڏي تو تي ٺٺوليون ٿا ڪن. اهي طعنا هڻندي ۽ تنهنجي برباديءَ تي کلندي چون ٿا تہ ”ڇا هي اهو ئي شهر نہ آهي، جنهن کي ماڻهو تمام سهڻو شهر، ۽ دنيا جو فخر ڪري سڏيندا هئا؟“


تنهنجا سڀ دشمن تو تي ڦٽڪار ٿا ڪن، ۽ ڪتن وانگر تو تي گُرڪن ٿا. اهي ڏند ڪرٽي چون ٿا تہ ”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن جا اسين طلبگار هئاسين، تہ اسين پنهنجي اکين سان انهيءَ شهر جي بربادي ڏسون. هاڻ اسان پاڻ انهيءَ کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي.“


آءٌ اوهان کي هن شهر مان تڙي ڪڍندس ۽ ڌارين جي حوالي ڪندس. آءٌ اوهان جي قتلام جو فيصلو ڪري چڪو آهيان.


جواب هي آهي تہ آءٌ انهيءَ جي خلاف ٿي بيهندس ۽ انهيءَ کي عبرت جو نشان ۽ هڪڙو پهاڪو بڻائي ڇڏيندس. آءٌ پنهنجي قوم منجھان سندس نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس. پوءِ اوهان مان هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


هو تنهنجي گھرن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندا ۽ عورتن جا ميڙ پنهنجي اکين سان تو کي سزا کائيندي ڏسندا. پوءِ تون زناڪاري ڪري نہ سگھندينءَ ۽ نہ وري اڳتي پنهنجي يارن کي خرچي ڏيئي سگھندينءَ.


اهو سڀ ڪجھہ تنهنجي بڇڙائي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ٿيو. پر هاڻي تون بہ انهيءَ جهڙي ٿي پيئي آهين. تنهنڪري هاڻي تنهنجيون آس‌پاس واريون سڀ قومون، ادومين ۽ فلستين سميت تو کي ملامت ٿيون ڪن ۽ تو کي ڌڪارين ٿيون.


جيڪو خون تو ۾ وهايو ويو آهي تنهن جي ڪري تون ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهين ۽ تو ۾ ٺاهيل بتن جي ڪري تون پليت ٿي پيو آهين. ائين تو پنهنجا ڏينهن آڻي ويجھا ڪيا آهن ۽ پنهنجي پڄاڻيءَ تي اچي پهتو آهين. تنهنڪري آءٌ تو کي اهڙو بڻائيندس جنهن تي ٻيون قومون ۽ سڀيئي ملڪ ملامت ۽ کل ٺٺوليون ڪندا.


هائو، مون خداوند خدا جو هي فرمان آهي تہ تون پنهنجي ڀيڻ جي وڏي ۽ اونهي پيالي مان پيئندينءَ، جيڪو منهنجي غضب سان ڀريل آهي، ۽ انهيءَ ۾ گھڻو ئي ڪجھہ سمايل آهي. تڏهن تو تي کل ٺٺولي ڪندي تنهنجي بي‌عزتي ڪئي ويندي،


آءٌ پنهنجي سخت قهر وچان کين سزا ڏيندس ۽ کانئن سخت انتقام وٺندس. هائو، آءٌ جڏهن پنهنجو غضب نازل ڪري کانئن بدلو وٺندس، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


اهڙيءَ طرح آءٌ مصر ملڪ کي سزا ڏيندس. پوءِ اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن جو رزق بند ڪري ڇڏيندس، سو اهي بکن وگھي پيا مرندا. اهي بک جي اهڙي تڪليف محسوس ڪندا، ڄڻڪ انهن کي ناس ڪرڻ لاءِ تکا تير هلايا ويا هجن.


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ آءٌ اوهان جي خلاف اُٿي کڙو ٿيو آهيان ۽ اوهان کي سزا ڏيندس. اوهان جي آس‌پاس واريون سموريون قومون اهو سڀ ڪجھہ ڏسنديون.


آءٌ اوهان جي ملڪ کي اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو اوهان جا دشمن، جيڪي انهيءَ تي اچي قبضو ڪندا سي انهيءَ جي حالت ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا.


خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي، هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي. خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو، ۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.


ساڻن هي واقعا انهيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن ماڻهن لاءِ هڪ سبق بڻجن ۽ پوءِ اهي اسان آخري زماني وارن لاءِ نصيحت طور لکيا ويا آهن.


جن جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ اوهين عبرت، پهاڪي ۽ چوڻيءَ جو سبب بڻبا.


اهي اوهان ۾ ۽ اوهان جي پيڙهيءَ ۾ هميشہ هڪ نشان ۽ عبرت ثابت ٿينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ