Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 5:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تنهن کان سواءِ آءٌ اوهان جي شهر کي ويران ڪري ڇڏيندس ۽ آس‌پاس واريون قومون ۽ اتان لنگھندڙ هر ماڻهو اهو ڏسي اوهان کي ملامت ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تنهن کانسواءِ جيڪي قومون تنهنجي آس پاس آهن تن ۾، ۽ جيڪي ماڻهو تنهنجي پاسي کان لنگهندا تن جي نظر ۾، آءٌ توکي ويران ۽ خواري ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 5:14
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مون هنن کي ٻڌايو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو حال ٿي ويو آهي. يروشلم ويران ٿيو پيو آهي ۽ ان جا دروازا سڙيا پيا آهن. سو اچو تہ يروشلم جون ڀتيون وري تعمير ڪريون تہ جيئن اسين وڌيڪ خوار خراب نہ ٿيون.“


آءٌ هن شهر کي اجاڙي ڇڏيندس ۽ ان کي ڦٽڪار واري شيءِ بڻائيندس. اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


آءٌ هنن تي هميشہ جي خواري ۽ هميشہ جي شرمندگي آڻيندس، جيڪا ڪنهن کان بہ ڪين وسرندي.“


سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘


صيئون جبل جا رستا ويران پيا آهن، ۽ يروشلم شهر جا دروازا سڃا لڳا پيا آهن، ڇاڪاڻ تہ هاڻي ڪوبہ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ڏانهن نہ ٿو اچي، بلڪ وڏن ڏينهن تي بہ ڪو ڪونہ ٿو اچي. سو ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا ڀرين، ۽ شهر جون نوجوان ڇوڪريون ڏک ۾ آهن. هائو، صيئون جي سڄي وسندي غمگين آهي.


يروشلم جي وسندي اگھاڙي ٿي پيئي آهي، ۽ اڳ جيڪي ماڻهو کيس عزت ڏيندا هئا سي هاڻي کيس ڌڪارين ٿا. سو اها هاڻ آهون ڀريندي رهي ٿي، ۽ پنهنجو منهن ڍڪي ٿي. اها انهيءَ ڪري خوار خراب ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن سخت گناهہ ڪيو آهي.


صيئون جبل ايترو تہ ويران ۽ کنڊر بڻجي ويو آهي، جو انهيءَ تي لومڙيون پيون گھمن ڦرن.


جيڪي شهر ماڻهن سان آباد آهن سي تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا ۽ ملڪ ويران ٿي ويندو. پوءِ سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


اهو سڀ ڪجھہ تنهنجي بڇڙائي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ٿيو. پر هاڻي تون بہ انهيءَ جهڙي ٿي پيئي آهين. تنهنڪري هاڻي تنهنجيون آس‌پاس واريون سڀ قومون، ادومين ۽ فلستين سميت تو کي ملامت ٿيون ڪن ۽ تو کي ڌڪارين ٿيون.


جيڪو خون تو ۾ وهايو ويو آهي تنهن جي ڪري تون ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهين ۽ تو ۾ ٺاهيل بتن جي ڪري تون پليت ٿي پيو آهين. ائين تو پنهنجا ڏينهن آڻي ويجھا ڪيا آهن ۽ پنهنجي پڄاڻيءَ تي اچي پهتو آهين. تنهنڪري آءٌ تو کي اهڙو بڻائيندس جنهن تي ٻيون قومون ۽ سڀيئي ملڪ ملامت ۽ کل ٺٺوليون ڪندا.


هائو، مون خداوند خدا جو هي فرمان آهي تہ تون پنهنجي ڀيڻ جي وڏي ۽ اونهي پيالي مان پيئندينءَ، جيڪو منهنجي غضب سان ڀريل آهي، ۽ انهيءَ ۾ گھڻو ئي ڪجھہ سمايل آهي. تڏهن تو تي کل ٺٺولي ڪندي تنهنجي بي‌عزتي ڪئي ويندي،


آءٌ هن ملڪ کي سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي طاقت جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندس. بني اسرائيل جي ملڪ جو جابلو علائقو اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو ڪوبہ انهيءَ علائقي مان نہ لنگھندو.


پوءِ اها ويران زمين جيڪا سڀني لنگھندڙن جي نظر ۾ هڪڙو بيابان هئي، سا وري پوک هيٺ اچي ويندي.


آءٌ بني اسرائيل جي سڀني شهرن ۽ ٽڪرن تي ٺهيل سندن پوڄا گھرن کي ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، نہ رڳو سندن بت، قربان‌گاهون ۽ لوبان ساڙڻ واريون قربان‌گاهون، بلڪ هنن جي ٺاهيل هر شيءِ کي آءٌ تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس.


اي رب! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي سچائيءَ سان ڪيل ڪمن موجب، پنهنجي ڪاوڙ، پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان يعني پنهنجي پاڪ جبل صيئون تان ٽاري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ اسان جي گناهن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي ڪري يروشلم ۽ تنهنجي قوم پنهنجي سڀني آس‌پاس وارن جي طعنن جو سبب بڻي آهي.


تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.


جن جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ اوهين عبرت، پهاڪي ۽ چوڻيءَ جو سبب بڻبا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ