Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 5:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اهڙيءَ طرح منهنجو غضب پورو ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجو غصو انهن تي ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ملندو. هائو، جڏهن آءٌ مٿن پنهنجو قهر پورو ڪندس، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي غيرت وچان ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 انهي طرح منهنجي ڪاوڙ پوري ٿيندي، ۽ آءٌ انهن تي پنهنجو غصو ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ايندو: ۽ جڏهن آءٌ مٿن پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس، تڏهن هو ڄاڻندا تہ مون خداوند اهو سڀ پنهنجي غيرت سان فرمايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 5:13
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آہ! جيڪو شهر ڪڏهن باوفا هو، سو هاڻي ڪيئن نہ هڪ زناڪار عورت جهڙو ٿي پيو آهي! اڳ اهو انصاف سان ڀريل هو، ۽ منجھس سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهيءَ ۾ رڳو قاتل ۽ خوني ٿا رهن.


تنهنڪري اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا يروشلم جي رهاڪن کي فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اوهان لاءِ، اي منهنجا مخالفؤ! آءٌ ضرور اوهان کان بدلو وٺندس. اوهين منهنجا دشمن آهيو، هاڻي اوهين مون کي وڌيڪ تڪليف ڏيئي نہ سگھندا.


سو خداوند سچائيءَ کي زرهہ وانگر ڍڪيندو، ۽ بچائڻ وارو لوهي ٽوپ مٿي تي رکندو. هو انتقام کي پوشاڪ جيان پهريندو، ۽ غيرت کي جبي وانگر پائيندو.


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


جيتوڻيڪ هو روزا رکندا تہ بہ آءٌ سندن دانهن نہ ٻڌندس. توڙي جو هو ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اناج جون قربانيون پيش ڪندا تہ بہ آءٌ اهي کانئن قبول نہ ڪندس. اٽلندو آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان کين ناس ڪري ڇڏيندس.“


ست پٽيتي ماءُ پنهنجا ست ئي پٽ وڃائي غش کائي ڪرندي. هن جي اميد جي روشني اونداهيءَ ۾ بدلجي ويندي. هائو، ست ئي پٽ وڃائي هوءَ عزت ۽ شان کان محروم ٿي ويندي. قوم مان باقي بچي ويندڙن کي آءٌ سندن دشمنن هٿان جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ’پوءِ جڏهن اهي ستر سال پورا ٿيندا تڏهن آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس سڄي قوم کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس ۽ آءٌ سندن ملڪ کي هميشہ لاءِ ويران ڪري ڇڏيندس.


خداوند پنهنجي قهر وچان، ايترو تہ سخت غضب نازل ڪيو، جو سڄي يروشلم شهر کي ان جي بنيادن تائين ساڙي رک ڪري ڇڏيائين.


اي پياري صيئون جا رهاڪؤ! اوهان جي بدڪاريءَ جي سزا اچي پوري ٿي آهي. خداوند هاڻ جلد اوهان کي جلاوطنيءَ کان موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندو. پر اي ادوم جا رهاڪؤ! خداوند اوهان جا گناهہ کولي ظاهر ڪري اوهان کي انهن بدڪارين جي سزا ڏيندو.


اهڙيءَ طرح آءٌ انهيءَ ڀت تي ۽ انهيءَ کي ڪچي گاري سان لنبڻ وارن تي پنهنجو قهر نازل ڪندس. پوءِ آءٌ اعلان ڪندس تہ ’نہ اها ڀت رهي آهي ۽ نہ وري انهيءَ کي لنبڻ وارا،


سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ پنهنجيون اهي چار ئي وڏيون آفتون يعني جنگ، ڏڪار، خونخوار جھنگلي جانور ۽ وبا يروشلم تي نازل ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪريان ۽ پوءِ بني اسرائيل ملڪ جو حال ڪيڏو نہ وڌيڪ خراب هوندو!


تڏهن ئي منهنجو قهر تو تي ڍرو ٿيندو ۽ منهنجي غيرت ماٺي ٿيندي. ائين آءٌ ماٺ ڪندس ۽ تو تي وڌيڪ ڪاوڙ نہ ڪندس.


آءٌ تنهنجيون ڪيل سڀيئي بدڪاريون معاف ڪري ڇڏيندس. پر تون اهي ياد ڪري پشيمان ٿيندينءَ ۽ شرم وچان وري اڳتي هڪ لفظ بہ نہ ڪڇندينءَ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هن جا بهترين سپاهي جنگ ۾ مارجي ويندا ۽ باقي بچي ويل چئني طرفن ڏانهن ٽڙي پکڙي ڀڄي ويندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو مون خداوند جو ئي فرمان آهي.‘“


پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.


پر هو مون کان ڦري ويا ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪيائون. هنن مان ڪنهن بہ انهن ڪراهت جهڙن بتن کي ڪڍي نہ اڇلايو، جن کي هنن چاهيو ٿي، نہ وري هنن مصر جي بتن جي پوڄا ئي ڇڏي. تڏهن مون ارادو ڪيو تہ مصر ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان.


آءٌ ڪاوڙ ۾ پنهنجا هٿ هڻندس جيستائين منهنجو غضب ڍرو ٿئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ ڇا ٿيندو جو ڦال ۾ هن جي ساڄي هٿ ۾ تير ايندو جنهن تي يروشلم لاءِ نشان لکيل هوندو. تڏهن هو هڪدم اشارو ڏيندو تہ جنگ جو نعرو هنيو وڃي، يروشلم شهر جي ڀتين تائين مٽيءَ جا دِڪا ٻڌا وڃن، مورچا ٺاهيا وڃن، دروازن ڀڃڻ واريون مشينون لڳايون وڃن ۽ ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي.


آءٌ پنهنجي غيرت سببان تنهنجو مخالف بڻجي ويندس. اهي تو سان ڏاڍي سختيءَ سان پيش ايندا. اهي تنهنجو نڪ ۽ ڪن وڍي ڇڏيندا ۽ تنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. هائو، اهي تنهنجا پٽ ۽ ڌيئر تو کان کسي کين جيئرو باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


اي يروشلم وارؤ! ديڳڙي جي اها گندگي اوهان جي گھڻي زناڪاري ۽ بدڪاري آهي. مون اوهان کي پاڪ صاف ڪرڻ چاهيو، تہ بہ اوهين پاڪ صاف نہ ٿيا. هاڻي اوهين ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندا، جيستائين آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي پوريءَ طرح نازل نہ ڪريان.


ان کان علاوہ بني اسرائيل جي بادشاهن پنهنجا محلات منهنجي هيڪل جي ايترو تہ ويجھو ڪري جوڙايا جو هنن جي ۽ منهنجي هيڪل جي وچ ۾ رڳو هڪڙي ڀت هئي ۽ هنن جي محلاتن جا دروازا منهنجي هيڪل ۾ ٿي کُليا. هائو، هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪري منهنجي نالي جي بي‌حرمتي ڪئي، تنهنڪري مون پنهنجو غضب نازل ڪري کين فنا ڪري ڇڏيو.


هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کين جيڪي تنبيهون ڪيون هيون سي خالي دڙڪا نہ هئا.‘“


بيشڪ جيڪي پري آهن سي وبا سان ماريا ويندا ۽ جيڪي ويجھو آهن سي جنگ ۾ ماريا ويندا. باقي جيڪي بچندا سي ڏڪار سان ماريا ويندا. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجو غضب انهن تي پورو ڪندس.


اي بني اسرائيل! هاڻي آءٌ اوهان جي ملڪ تي پنهنجو غضب نازل ڪري انهيءَ جي پڄاڻي ڪندس. هائو، اوهان جي چال چلت موجب اوهان جي عدالت ڪندس. آءٌ اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي سزا اوهان جي ملڪ تي آڻيندس.


هاڻي عنقريب آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي نازل ڪندس، ۽ پنهنجو غضب اوهان تي پورو ڪندس. آءٌ اوهان جي چال چلت موجب اوهان جي عدالت ڪندس، ۽ اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي اوهان کي سزا ڏيندس.


سو شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو. هو پاڻ کي پڏائيندو ۽ هر معبود کان پاڻ کي وڏو چوائيندو ۽ تڪبر وچان معبودن جي معبود خدا بابت ڪفر بڪندو. هو تيستائين ڪامياب رهندو، جيستائين مٿس خدا جو غضب اچي نہ ڪڙڪي. بيشڪ جيڪي مقرر ڪيو ويو آهي، سو ضرور ٿيندو.


سندس بادشاهيءَ جي پهرئين سال، مون دانيال پاڪ لکتن جو مطالعو ڪندي يرمياہ نبيءَ جي ذريعي مليل خداوند جي ڪلام مان ڄاڻي ورتو تہ ”يروشلم جي ويراني ستر سالن تائين رهندي.“


آءٌ ڪاهي ايندس ۽ اچي انهن بدڪارن کي سيکت ڏيندس، هائو، آءٌ ٻين قومن کي سندن خلاف گڏ ڪندس، ۽ کين گھڻن ئي گناهن جي سزا ڏني ويندي.


تڏهن ملائڪ مون کي وڏي واڪي چيو تہ ”ڏس، اهي جيڪي اتر طرف بابل ملڪ ڏانهن وڃن ٿا، سي انهيءَ ملڪ ۾ پهچي اهڙا تہ ڪم ڏيکاريندا جو خداوند جي ڪاوڙ ڍري ٿي ويندي.“


جهڙيءَ طرح خداوند اوهان سان ڀلائي ڪرڻ ۽ اوهان کي وڌائڻ ۾ خوش ٿيندو هو، تهڙيءَ طرح هو اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ بہ خوش ٿيندو. پوءِ اوهين انهيءَ ملڪ مان ڪڍيا ويندا، جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا.


بيشڪ جڏهن خداوند ڏسندو تہ سندس قوم ۾ ڪا طاقت نہ رهي آهي، ايتري قدر جو ڄڻ تہ قيدين توڙي آزادن مان ڪوبہ جيئرو ناهي رهيو، تڏهن هو پنهنجي قوم تي قياس ڪري سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ