Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 5:11 - Muslim Sindhi Bible

11 آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙين شين سان ۽ پنهنجي سڀني نفرت جهڙن ڪمن سان منهنجي مقدس هيڪل جي بي‌حرمتي ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ بہ بنا ڪنهن درگذر يا رحم ڪرڻ جي اوهان کي وڍي ڪيرائي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ توکي ضرور گهٽائيندس، جو تو پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙين شين سان ۽ پنهنجن سڀني نفرت جهڙن ڪمن سان منهنجو پاڪ مڪان ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ نہ منهنجي اک گذر ڪندي ۽ نہ آءٌ رحم ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 5:11
48 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهيءَ هيڪل ۾ بت‌پرستن جون قربان‌گاهون تعمير ڪرايون، جنهن جي باري ۾ خداوند فرمايو هو تہ ”يروشلم شهر ۾ آءٌ پنهنجو نالو قائم رکندس.“


هن يسيرہ ديويءَ جي جيڪا تراشيل مورتي ٺهرائي هئي، سا انهيءَ هيڪل ۾ رکايائين، جنهن بابت خداوند دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي فرمايو هو تہ ”هي يروشلم شهر، جنهن کي مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي ڪڍيو آهي ۽ انهيءَ ۾ ٺهيل منهنجي هيڪل ۾ آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس.


شاهي محل جي مٿان آخز واري ڪوٺيءَ جي ڇت تي جيڪي قربان‌گاهون يهوداہ جي بادشاهن ٺهرايون هيون ۽ جيڪي قربان‌گاهون هيڪل جي اڱڻن ۾ منسيءَ جوڙايون هيون سي يوسياہ بادشاهہ ڊهرائي خاڪ ڪري ڇڏيون ۽ اها خاڪ کڻائي قدرون جي برساتي نهر ۾ اڇلرائي ڇڏيائين.


هن انهيءَ هيڪل ۾ بت‌پرستن جون قربان‌گاهون تعمير ڪرايون، جنهن جي باري ۾ خداوند فرمايو هو تہ ”يروشلم شهر ۾ آءٌ هميشہ تائين پنهنجو نالو قائم رکندس.“


هن هڪ تراشيل مورتي ٺهرائي ۽ اها کڻي اچي خدا جي گھر ۾ رکيائين، جنهن گھر جي باري ۾ خدا دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي چيو هو تہ ”هي يروشلم شهر، جنهن کي مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي ڪڍيو آهي ۽ انهيءَ ۾ ٺهيل منهنجي هيڪل ۾ آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس.


تنهن کان سواءِ هن جي دور ۾ سڄي يهوداہ جي اڳواڻن، ڪاهنن ۽ ٻين ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪئي. سو هنن خداوند جو گھر جيڪو خداوند لاءِ يروشلم ۾ مخصوص ڪيو ويو تنهن جي بي‌حرمتي ڪندي انهيءَ کي پليت ڪري ڇڏيو.


جھولو کين سدائين گھليندو رهندو ۽ ڪا ڍر نہ ڏيندو، جڏهن تہ اهي کانئس ڀڄي نڪرڻ جي گھڻي ڪوشش ڪندا.


جڏهن اُهي ظلم، تڪليف ۽ غم جي ڪري، گھٽجن ۽ پست ٿين ٿا،


سو مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ انهيءَ پيڙهيءَ لاءِ قسم کنيو هو تہ ’هي انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها.‘“


اي خداوند! جيتري سيکت جا اسين لائق آهيون سا ڀلي ڏي، پر پنهنجي ڪاوڙ سان نہ، متان اسين ناس ٿي وڃون.


ياد رکو، آءٌ اوهان کي اوهان جي بدڪاريءَ ۽ گناهہ جي ٻيڻي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي ڪراهت جهڙن ديوتائن جي بي‌جان مورتين سان منهنجو ملڪ پليت ڪيو آهي. هائو، اوهان منهنجي ملڪ کي پنهنجي انهن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو آهي.“


هيڪل، جيڪا منهنجي نالي سان ٿي سڏجي، تنهن ۾ هنن پنهنجا ڪراهت جهڙا بت کوڙي ان کي پليت ڪيو آهي.


مون بار بار پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن پئي موڪليا جن اوهان کي ٻڌايو تہ ’اهو ڪراهت جهڙو ڪم نہ ڪريو جنهن کان خداوند کي نفرت آهي.‘


بيشڪ اهو جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن بابت خداوند اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو. هائو، هن پنهنجي انهيءَ قول کي پورو ڪري ڏيکاريو، جيڪو هن قديم زماني ۾ فرمايو هو. هن بنا ڪنهن رحم جي تو کي برباد ڪري ڇڏيو، ۽ تنهنجي دشمنن کي تو تي خوش ٿيڻ ڏنو. هن تنهنجي مخالفن جي لشڪرن جي طاقت کي وڌائي ڇڏيو.


منهنجا ماڻهو جوان توڙي پوڙها گھٽين ۾ مئا پيا آهن. هائو، تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري منهنجا جوان مرد توڙي عورتون تلوار سان قتل ڪيا ويا آهن. تو انهن جو ڪوس ڪرايو آهي، ۽ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪيو اٿيئي.


جڏهن اوهين اتي موٽي ايندا، تڏهن سموريون بت‌پرستيءَ جون گنديون ۽ ڪراهت جهڙيون شيون ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندا.


پر جن جي دل پنهنجي گندن ۽ ڪراهت جهڙن بتن جي پوڄا ڪرڻ ڏانهن مائل آهي، تن کي آءٌ سندن افعالن موجب ئي سزا ڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


ياد رک، آءٌ خداوند خدا تو کي انهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، جن کان تو کي نفرت آهي، بلڪ انهن جي هٿن ۾ جن کان تون بيزار آهين.


هنن نہ رڳو اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي، بلڪ ساڳئي وقت هنن منهنجي عبادت واري مقدس هيڪل کي بہ اهڙيءَ طرح پليت ڪيو جو هنن پنهنجي ٻارن کي پنهنجي بتن تي قربان ڪرڻ کان پوءِ اهڙي ئي حالت ۾ منهنجي عبادت واري جاءِ ۾ داخل ٿيون. ساڳئي نموني منهنجي سبت جي ڏينهن جي بہ بي‌حرمتي ڪئي اٿائون. هاڻي ڏس، اهڙيءَ حالت منهنجي گھر جي ٿيڻ گھرجي ڇا؟


آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهو وقت اچي پهتو آهي ۽ آءٌ ائين ڪري ڏيکاريندس. آءٌ اوهان يروشلم جي ماڻهن تي ڪو رحم نہ ڪندس، نڪي آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو ارادو بدلائيندس. اوهين پنهنجي ڪيل گناهن جي سزا ضرور ڀوڳيندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


سندن بادشاهت ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خسيس هوندي ۽ وري ڪڏهن بہ ٻين قومن تي حڪومت ڪرڻ جي طاقت نہ رکندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ کي اهڙو تہ پست ڪري ڇڏيندس، جو اهي وري ڪڏهن بہ ٻين قومن تي حڪومت هلائي نہ سگھندا.


سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟


ان کان علاوہ بني اسرائيل جي بادشاهن پنهنجا محلات منهنجي هيڪل جي ايترو تہ ويجھو ڪري جوڙايا جو هنن جي ۽ منهنجي هيڪل جي وچ ۾ رڳو هڪڙي ڀت هئي ۽ هنن جي محلاتن جا دروازا منهنجي هيڪل ۾ ٿي کُليا. هائو، هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪري منهنجي نالي جي بي‌حرمتي ڪئي، تنهنڪري مون پنهنجو غضب نازل ڪري کين فنا ڪري ڇڏيو.


اوهان منهنجي لاءِ پيش ڪيل خوراڪ يعني قربانين واري چرٻي ۽ رت پيش ڪرڻ وقت پاڻ سان گڏ مون کي نہ مڃيندڙ اڻ‌طهريلن ماڻهن کي منهنجي مقدس هيڪل جي چوديواريءَ اندر وٺي آڻي منهنجي هيڪل کي پليت ڪيو آهي. اوهان پنهنجا اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪري مون سان ٻڌل عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.


تنهنڪري اي يروشلم وارؤ! ٻڌو، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اوهين پنهنجي آس‌پاس وارين قومن کان وڌيڪ فسادي ٿي ويا آهيو ۽ منهنجي حڪمن تي نہ هليا آهيو، نڪي منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيو اٿوَ، بلڪ اوهان تہ پنهنجي آس‌پاس وارين قومن جي قاعدن قانونن تي بہ نہ هليا آهيو.


اهو هيئن ٿيو جو هنن پنهنجي سون ۽ چانديءَ مان خوبصورت زيور جوڙايا ۽ انهن تي فخر ڪرڻ لڳا. پوءِ هنن وڌيڪ ڪراهت جهڙا هي ڪم ڪيا جو انهيءَ سون ۽ چانديءَ مان نفرت جهڙيون مورتيون جوڙايون. تنهنڪري آءٌ سندن اها دولت هنن لاءِ حرام ڪري ڇڏيندس.


آءٌ اوهان سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي اوهان تي ڪو رحم ڪندس. بلڪ اوهان جي ڪيل بڇڙن ڪمن جي ڪري آءٌ اوهان جي ملڪ کي سزا ڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


اوهان جا گناهہ اهڙا تہ ڪراهت جهڙا آهن جو آءٌ اوهان سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي اوهان تي ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ اوهان کي اوهان جي چال چلت موجب سزا ڏيندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، جنهن اوهان کي اها سزا ڏني آهي.


تڏهن هن مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تو اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو؟ بلڪ تون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا ڪم ڏسندين.“


پوءِ هو مون کي پنهنجي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. ڇا ڏسان تہ اتي خداوند جي هيڪل جي دروازي وٽ، ورانڊي ۽ قربان‌گاهہ جي وچ ۾ اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا آهن، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏانهن هيون ۽ سندن منهن اوڀر طرف هئا. اهڙيءَ طرح هنن اڀرندڙ سج جي پوڄا ٿي ڪئي.


تنهنڪري آءٌ بہ ساڻن قهر واري هلت ڪندس. آءٌ هنن سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ توڙي جو هو وڏيون رڙيون ڪري مون آڏو فرياد ڪندا تہ بہ آءٌ مٿن ڪو ڌيان ڪونہ ڏيندس.“


سو آءٌ کانئن هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ ساڻن اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي هنن ٻين سان ڪيو آهي.“


پوءِ مون ٻڌو تہ خداوند ٻين ڇهن ماڻهن کي فرمايو تہ ”اوهين هن جي پٺيان شهر وچان لنگھي وڃو ۽ قتلام ڪريو. اوهين ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيو، نڪي ڪنهن تي ڪو رحم ڪريو.


تنهنڪري اوهين بني اسرائيل کي اهڙين ناپاڪيءَ جي حالتن کان دور رکجو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ منهنجي مقدس خيمي، جيڪو سندن وچ ۾ آهي، تنهن کي پليت ڪري مري نہ پون.


سو خداوند، بني اسرائيل جو خدا قسم کڻي ٿو فرمائي تہ ”آءٌ سندن بدڪارين مان ڪا هڪڙي بہ ڪين وساريندس.


اي زڪرياہ! مون انهيءَ ڪري تو کي اهو ڌڻ چارڻ لاءِ چيو جو آءٌ خداوند هن ملڪ جي سڀني ماڻهن تي انهيءَ ڪسڻ واري ڌڻ وانگر ڪوبہ رحم نہ ڪندس. ڏس، آءٌ هر ڪنهن کي سندس هم‌قوم حڪمران جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو انهن تي ظلم ڪندو. آءٌ انهن کي سندس هٿان نہ ڇڏائيندس.“


قادرِمطلق خداوند ٿو فرمائي تہ ”منهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي اهي منهنجي قوم، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا ۽ آءٌ مٿن اهڙو مهربان ٿيندس جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي.


هاڻ جڏهن بني اسرائيل جو ڪِري پوڻ يعني انهن جو ڇوٽڪاري کي قبول نہ ڪرڻ دنيا جي سڀني غير قوم وارن لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿيو، تہ پوءِ جڏهن بني اسرائيل ۾ ايمان وارن جو تعداد وڌي ڀرپور ٿيندو، تڏهن سڀني لاءِ خدا جي ڪيڏي نہ وڌيڪ رحمت ٿيندي.


هاڻ جڏهن خدا بني اسرائيل وارن، يعني اصلي ٽارين کي بہ وڻ ۾ رهڻ نہ ڏنو، تہ پوءِ اوهين ڪيئن بچي سگھندا؟


هن تہ پنهنجو فرزند بہ اسان کان پري نہ رکيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هو انهيءَ سان گڏ اسان کي نہ ڏيندو؟


ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ کي ڪڏهن بہ معاف ڪرڻ نہ چاهيندو. اٽلندو خداوند جو قهر ۽ سندس غيرت انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي ڀڙڪندي، سڀ لعنتون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي پونديون ۽ خداوند انهيءَ جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندو.


خدا جڏهن ابراهيم سان واعدو ڪيو تڏهن هن پنهنجو ئي قسم کنيو، ڇاڪاڻ تہ کانئس وڏو ڪوبہ نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ