Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 5:10 - Muslim Sindhi Bible

10 هائو، آءٌ يروشلم شهر ۾ اهڙي تہ بک وجھندس جو والدين پنهنجي ٻارن کي کائيندا ۽ ٻار پنهنجي والدين کي. جيڪي انهيءَ سزا کان بچي ويندا، تن سڀني کي آءٌ چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تنهنڪري تنهنجي وچ ۾ پيءُ پٽن کي کائيندا، ۽ پٽ پيئرن کي کائيندا؛ ۽ آءٌ تو ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس، ۽ تنهنجا باقي بچيل سڀ ماڻهو سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 5:10
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو انهيءَ ڏينهن منهنجو پٽ اسان ٻنهي رڌي کاڌو. ٻئي ڏينهن مون هن کي چيو تہ ’هاڻي پنهنجو پٽ ڏي تہ اُهو کائون.‘ پر هن پنهنجو پٽ لڪائي ڇڏيو.“


تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي جيڪي فرمايو هو، سو ياد ڪر. تو چيو هو تہ ’جيڪڏهن اوهين بني اسرائيل گناهہ ڪندا تہ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ڏيندس.


تو اسان کي ڪُسڻ وارين رڍن وانگر بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ قومن منجھہ اسان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿيئي.


جيڪي تو تي ظلم ٿا ڪن، تن کي آءٌ سندن ئي ماس کارائيندس. هائو، اهي مٺي مئي وانگر پنهنجو ئي رت پي مست ٿيندا. تڏهن هر بشر ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ ۽ تنهنجو بچائيندڙ آهيان.“


سو ملڪ اندر جتي ڪٿي ماڻهو ڦر مار ڪن ٿا. هو جھنگلي جانورن وانگر حملو ڪري، هر طرف چيرڦاڙ ڪندا ٿا وتن، ايتري قدر جو اهي پنهنجي ئي مٽن مائٽن کي بہ ڳڙڪايو ٿا وڃن، پر تڏهن بہ سندن بک ختم نہ ٿي ٿئي.


آءٌ هنن مان سڀني کي پوءِ اهي توڙي جو پيئر هجن يا پٽ، مَٽن جيان هڪٻئي مٿان اڇلائي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، انهن تي ڪو قياس نہ ڪندس، نڪي ترس کائيندس. کين ناس ڪرڻ وقت رحم نہ ڪندس.“


آءٌ اوهان جي هن شهر تي اوهان جا جاني دشمن موڪليندس جن جي گھيري ۾ تنگ اچي اوهان بک وچان هڪٻئي جو بلڪ پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جو بہ گوشت کائيندا.‘


آءٌ اوهان يهوداہ جي باقي بچيلن کي هرگز نہ ڇڏيندس، جن مصر ۾ وڃي رهي پوڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. هائو، اوهين سڀ مصر ۾ ناس ٿي ويندا. اوهين ننڍا توڙي وڏا سڀ جنگ ۾ يا وري ڏڪار سان ماريا ويندا. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو سبب بڻبا.


انهن جا اٺ اسان لاءِ لٽ جو مال ٿيندا، ۽ سندن وڏا وڏا ڌڻ اسان لاءِ مالِ‌غنيمت ٿيندا.‘“ خداوند فرمائي ٿو تہ ”حصور وارا، جيڪي پنهنجيون لوندڙيون ڪوڙائي ٻچي ڏاڙهي رکن ٿا، تن کي آءٌ هوا وانگر ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس. انهن تي آءٌ هر طرف کان مصيبت آڻيندس.


آءٌ عيلام ملڪ تي چئني طرفن کان جنگ جون هوائون گھلائيندس ۽ ان جي رهاڪن کي دنيا جي چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪرائي ڇڏيندس. دنيا ۾ ڪابہ اهڙي قوم نہ هوندي، جنهن ۾ عيلام جا جلاوطن ٿيل ماڻهو نہ پهچندا.


بني اسرائيل وارا ڀٽڪيل رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جنهن جو پيڇو ڪري شينهن کيس ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي. پهريائين اشور جو شهنشاهہ بني اسرائيل کي ڳڙڪائي ويو ۽ بعد ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر انهن جا هڏا بہ چٻاڙي ڇڏيا.


آءٌ کين اهڙين قومن منجھہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، جن کان نہ هو ۽ نہ ئي وري سندن ابا ڏاڏا واقف هئا. آءٌ سندن پٺيان لشڪر موڪليندس جيڪي تلوار سان کين ناس ڪري ڇڏيندا.“


يروشلم جي وسندي دانهون ڪندي چوي ٿي تہ ”اي خداوند! غور ويچار ڪري ڏس تہ تو اڳ بہ ڪنهن تي اهڙو عذاب نازل ڪيو آهي؟ ايتري قدر جو مائرون پنهنجي پيارن ٻارڙن جا لاش پيون کائين، ۽ ڪاهن توڙي نبي تنهنجي پنهنجي هيڪل ۾ قتل ڪيا پيا وڃن.


منهنجي قوم تي آيل مصيبت ماڻهن ۾ اهڙي تہ وحشت وجھي ڇڏي، جو مامتا رکندڙ عورتن بہ پنهنجي ٻارڙن کي پنهنجن هٿن سان اوٻاري خوراڪ ٿي بڻايو.


خداوند پنهنجي غضب وچان نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو آهي. هو هاڻي سندن ڪابہ سار نہ ٿو لهي. بلڪ هو اسان جي ڪاهنن کي ڪا عزت نہ ٿو ڏئي، نڪي اسان جي اڳواڻن جو ڪو لحاظ ٿو رکي.


بگھڙ جهڙو جانور بہ پنهنجي ٻچن کي ڇاتيءَ سان لائي پنهنجو کير پيئاري ٿو، پر منهنجي قوم جي ماڻهن کي بياباني شتر مرغ وانگر پنهنجي ٻارڙن تي بہ رحم ڪونہ ٿو اچي.


خداوند سندس آس‌پاس وارن سڀني مددگارن ۽ سندس سڀني درٻارين ۽ لشڪرن کي چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو ۽ ماڻهو تلوار کڻي مارڻ لاءِ سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندو.


جڏهن انهن کي ٻين قومن ۽ ڌارين ملڪن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪيو ويندو، تڏهن هو ڄاڻي وٺندا تہ خداوند ئي خدا آهي.


هن جا بهترين سپاهي جنگ ۾ مارجي ويندا ۽ باقي بچي ويل چئني طرفن ڏانهن ٽڙي پکڙي ڀڄي ويندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو مون خداوند جو ئي فرمان آهي.‘“


تڏهن مون بيابان ۾ قسم کڻي انهن کي ٻڌائي ڇڏيو تہ ’آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.‘


آءٌ تنهنجي رهاڪن کي هر ملڪ ۽ هر قوم ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجي پليتي تو مان بلڪل صاف ڪري ڇڏيندس.


مون هنن کي ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو ۽ اهي دنيا ۾ دربدر ٿي ويا. مون هنن جي چال چلت ۽ افعالن موجب کين سزا ڏني.


باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس.


انهن جو پهريون حصو گھيري جي انهن ڏينهن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ سر تي نڪتل شهر جي نقشي جي وچ ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏ. ٻيو حصو کڻي شهر جي چوڌاري هيڏي هوڏي پکيڙي انهن وارن کي تلوار سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏ. وارن جي آخري ٽئين حصي کي تون هوا ۾ پکيڙي ڇڏ، تن وارن يعني ماڻهن جو آءٌ تلوار کڻي پيڇو ڪندس.


تنهن هوندي بہ آءٌ انهن مان ڪجھہ ماڻهن کي قتل ٿيڻ کان بچائيندس ۽ کين ٻين قومن ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس،


اي پروردگار! تون ئي واعدي جو سچار آهين، پر اسين تو سان ٻڌل عهد سان بي‌وفائي ڪري خوار خراب ٿيا آهيون، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. هائو، اسين يروشلم سميت سڄي يهوداہ جا رهاڪو، بلڪ سڄي بني اسرائيل وارا خوار خراب آهيون، جن کي تو ويجھن توڙي پري وارن ملڪن ۾ هڪالي ڇڏيو آهي.


اوهان جي بک ايتري تہ وڌي ويندي جو اوهين پنهنجي پٽن توڙي ڌيئرن جو بہ ماس کائيندا.


آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجي تلوار ڪڍي اوهان جو پيڇو ڪندس. تڏهن اوهان جو ملڪ ويران ٿي ويندو ۽ شهر کنڊرات بڻجي ويندا.


آءٌ اسرائيل ملڪ وارن کي سيکت واري ڇاڻيءَ مان ڇاڻي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس. پوءِ ڪو هڪڙو بہ بدڪار بچي نہ سگھندو.


خداوند يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! مون ئي اوهان کي دنيا جي چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو هو. پر هاڻي اوهين صيئون ڏانهن موٽي اچو، اتر وارن ملڪن مان ڀڄي اچو. هائو، اوهين بابل جي بادشاهتن مان ڀڄي نڪرو.“


انهيءَ ڪري مون کين واچوڙي وانگر اڏائي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. جتي هو ڌارين وانگر ٿي ويا. انهيءَ کان پوءِ سندن وڻندڙ ملڪ اهڙو تہ ويران ٿي ويو جو اتي ڪنهن جي بہ اچ وڃ نہ هئي.“


انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“


خداوند اوهان کي ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين سڀني قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. اُتي اوهين انهن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا، جن کي اوهان يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو.


مون سوچيو هو تہ آءٌ کين اهڙو تہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيان، جو بني بشر مان سندن نالو نشان ئي مٽجي وڃي.


خداوند اوهان کي قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو ۽ جن قومن ۾ هو اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو باقي بچيل تعداد گھٽ ٿي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ