حزقي ايل 48:8 - Muslim Sindhi Bible8 خداوند فرمايو تہ ”ملڪ جو وچ وارو حصو جيڪو يهوداہ واري علائقي جي ڏکڻ طرف هوندو، تنهن کي اوهين وقف ڪري ڇڏجو. انهيءَ جي ويڪر اتر کان ڏکڻ تائين ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر هوندي ۽ ڊيگھہ ملڪ جي اوڀر کان اولهہ تائين ايتري ماپ جي هوندي جيتري قبيلن کي ورهايل حصي جي هوندي. هيڪل انهيءَ حصي جي وچ ۾ هوندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 ۽ يهوداہ جي سرحد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين اُهو وقف وارو حصو ٿيندو، جو اوهان کي پيش ڪرڻو ٿيندو، يعني پنجويهہ هزار ڪانا ويڪر ۾، ۽ ڊيگهہ ۾ هڪڙي حصي جيترو، اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين. ۽ پاڪ مڪان انهي جي وچ ۾ ٿيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اها ايراضي جنهن ۾ هيڪل، ڪاهنن جو حصو، لاوين جو حصو ۽ شهر شامل هوندو، تنهن جي اولهہ ۽ اوڀر پاسي واري زمين حڪمران جي هوندي. اها زمين جيڪا وچ واري ايراضيءَ جي ٻنهي پاسن تي هوندي، سا بہ اتر کان ڏکڻ طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ويڪري هوندي، ۽ اولهہ توڙي اوڀر پاسي ڏانهن ملڪ جي ٻنهي پاسي سرحدن تائين وڃي لڳندي. ٻنهي پاسن کان حڪمران واري زمين ۽ وچ واري ايراضيءَ جي گڏيل حصي جي اتر پاسي تي يهوداہ قبيلي جو حصو ۽ ڏکڻ پاسي تي بنيامين قبيلي جو حصو هوندو.“