Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 48:28 - Muslim Sindhi Bible

28 جد جي حصي جي ڏکڻ پاسي ملڪ جي سرحد هوندي. اها سرحد تمر کان وٺي ڏکڻ اولهہ ۾ مريباہ قادش جي چشمي تائين ۽ پوءِ مصر جي سرحد سان ويندي اتر اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ جد جي سرحد جي ڀرسان، ڏکڻ ڏانهن، ڏکڻ واري پاسي، تمر کان وٺي مريبوت قادس جي پاڻين تائين، مصر جي نهر وٽان وڏي سمنڊ تائين سرحد ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 48:28
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتر پاسي واري سرحد ڀونوچ سمنڊ کان وٺي اوڀر ڏانهن حتلون شهر جي رستي حمات لڪ کان ويندي صداد شهر تائين،


تڏهن ڪن ماڻهن اچي يهوسفط کي ٻڌايو تہ ”کاري سمنڊ جي پرينءَ ڀر ادوم کان هڪڙو وڏو لشڪر توهان تي ڪاهيو ٿو اچي. اهي حصيصون‌تمر (يعني عين‌جديءَ) تي اڳ ۾ ئي قبضو ڪري چڪا آهن.“


عين‌جديءَ جي چشمي کان وٺي عين‌عجليم جي چشمي تائين کاري سمنڊ جي ٻنهي ڪنارن تي مڇي مارڻ وارا بيٺا مڇي پيا ماريندا ۽ ڪنارن تي سڪائڻ لاءِ جيڏانهن تيڏانهن سندن ڄار پکيڙيل هوندا. انهيءَ سمنڊ جون مڇيون بہ وڏي ڀونوچ سمنڊ جي مڇين وانگر قسمين قسمين جون ۽ تمام گھڻيون هونديون.


اي بني اسرائيل! اهو ڏينهن ايندو جڏهن خداوند فرات نديءَ کان وٺي مصر جي سرحد واري برساتي نهر تائين اوهان کي داڻو داڻو ڪري چونڊي گڏ ڪندو، جيئن بُهہ مان ڪڻڪ چونڊي الڳ ڪئي ويندي آهي.


هنن مريباہ جي چشمي تي بہ خداوند کي غصو ڏياريو هو، ۽ انهن جي ئي ڪري خدا موسيٰ کي پڻ نقصان رسايو هو.


سيحور ندي جيڪا مصر جي اوڀر ۾ آهي تنهن کان وٺي اتر ڏانهن عقرون جي سرحد تائين، اهو سمورو علائقو ڪنعانين جو ليکيو ويندو آهي يعني فلستين جي پنجن سردارن غزي، اشدودي، اسقلوني، جاتي ۽ عقروني وارو علائقو ۽ ڏکڻ ۾ عويم جو علائقو پڻ.


پوءِ اها ئي سرحد اتان ڦري، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان ٿيندي ڀونوچ سمنڊ تي وڃي پوري ٿيندي.


انهيءَ واقعي ۾ نڪرندڙ چشمي جو نالو مريباہ پئجي ويو. انهيءَ سبب جو ان هنڌ تي بني اسرائيل خداوند جي خلاف جھڳڙو ڪيو ۽ خداوند پاڻ کي منجھن پاڪ ثابت ڪيو.


بني اسرائيل جي سڄي قوم، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي ۽ ماڻهن قادش ۾ پنهنجا تنبو کوڙيا. اتي مريم وفات ڪئي ۽ اتي ئي کيس دفنايو ويو.


انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


پوءِ هو موٽي عين‌مِشفاط ۾ آيا جيڪو بعد ۾ قادش سڏجڻ لڳو. انهن عماليقين جو سڄو علائقو فتح ڪيو ۽ امورين کي بہ شڪست ڏنائون جيڪي حصيصون‌تمر ۾ رهندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ