حزقي ايل 48:20 - Muslim Sindhi Bible20 سو ملڪ ۾ وقف ڪيل حصي جي وچ واري پوري ايراضي ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ڊگھي ۽ ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ويڪري يعني چورس هوندي. انهيءَ ۾ مون لاءِ مخصوص ٿيل ايراضي ۽ شهر ۽ ان جي آسپاس جون ٻنيون شامل هونديون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 ڪل وقف پنجويهہ هزار ڊگهو ۽ پنجويهہ هزار ويڪرو ٿيندو: اهو پاڪ وقف وارو حصو چورس ڪري شهر جي ملڪيت سان گڏ پيش ڪجو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اها ايراضي جنهن ۾ هيڪل، ڪاهنن جو حصو، لاوين جو حصو ۽ شهر شامل هوندو، تنهن جي اولهہ ۽ اوڀر پاسي واري زمين حڪمران جي هوندي. اها زمين جيڪا وچ واري ايراضيءَ جي ٻنهي پاسن تي هوندي، سا بہ اتر کان ڏکڻ طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ويڪري هوندي، ۽ اولهہ توڙي اوڀر پاسي ڏانهن ملڪ جي ٻنهي پاسي سرحدن تائين وڃي لڳندي. ٻنهي پاسن کان حڪمران واري زمين ۽ وچ واري ايراضيءَ جي گڏيل حصي جي اتر پاسي تي يهوداہ قبيلي جو حصو ۽ ڏکڻ پاسي تي بنيامين قبيلي جو حصو هوندو.“