Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 48:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اهو وقف ٿيل حصو رڳو انهن مخصوص ٿيل ڪاهنن لاءِ هوندو، جيڪي صدوق جي نسل مان آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي سچائيءَ سان منهنجي خدمت ڪندا رهيا ۽ گمراهہ نہ ٿيا، جڏهن تہ لاوي ۽ ٻيا بني اسرائيل گمراهہ ٿي ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اهو ڪاهنن جي لاءِ ٿيندو، جي صدوق جي پٽن مان پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ جن منهنجن قانونن جي سنڀال پئي ڪئي آهي؛ ۽ جي بني اسرائيل جي گمراهہ ٿيڻ وقت گمراهہ نہ ٿيا؛ جيئن لاوي گمراهہ ٿيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 48:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اهو سڀ انهيءَ لاءِ ڪندس تہ جيئن اوهين بني اسرائيل اڳتي وري مون کان گمراهہ نہ ٿي وڃو ۽ نہ وري پنهنجي گناهن جي گھڻائيءَ ڪري پليت ٿيو. سو مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، تڏهن اوهين منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ اوهان جو خدا هوندس.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


جنهن ڪمري جو رخ اتر طرف آهي سو قربان‌گاهہ جي خدمت ڪندڙ ڪاهنن جي لاءِ آهي. اهي سڀ ڪاهن صدوق جو اولاد آهن. لاوي قبيلي جي رڳو انهن ئي ڪاهنن کي خداوند جي حضور ۾ وڃي خدمت ڪرڻ جي اجازت آهي.


جيڪي ڪاهن مون پنهنجي حضور ۾ حاضر رهي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊيا آهن، سي لاوي قبيلي مان صدوق جي نسل وارا آهن. سو قربان‌گاهہ جي وقف ڪرڻ وقت تون کين هڪڙو وهڙو ڏجانءِ جيڪو انهن لاءِ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربان ڪيو وڃي.


خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”لاوين کي ئي منهنجي هيڪل ۾ خدمت ڪرڻي آهي. پر ڪي لاوي مون کي ڇڏي ٻين بني اسرائيل وارن سان گڏجي گمراهہ ٿي بتن جي پوڄا ڪرڻ لڳا، تن لاوين کي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي سزا ضرور ڏيندس.


جيئن تہ گذريل وقت ۾ لاوي بني اسرائيل جي بتن جي پوڄا ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي ڪندا رهيا، جنهن ڪري هو بني اسرائيل قوم کي بدڪاريءَ ڏانهن وٺي ويا، تنهنڪري آءٌ خداوند خدا انهن کي سزا ضرور ڏيندس.


زمين جو اهو وقف ڪيل حصو انهن ڪاهنن جي لاءِ هوندو جيڪي هيڪل جا خدمتگار هوندا ۽ مون خداوند جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهندا. اهو حصو سندن گھرن لاءِ هوندو ۽ هيڪل واري ايراضيءَ جو حصو هوندو.


سو ملڪ ۾ مون لاءِ مخصوص ٿيل ايراضيءَ مان اهو حصو انهن ڪاهنن لاءِ وقف هوندو، ۽ اهو پاڪ ترين حصو هوندو.


اوهين ستن ڏينهن ۽ ستن راتين تائين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ويٺي خداوند جي حڪم جي تعميل ڪندا رهجو، نہ تہ اوهين مري ويندا. خداوند مون کي اهڙو ئي حڪم ڏنو آهي.“


پوءِ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي اهڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏهن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.


جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ ابليس آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي زندگيءَ جو تاج پارائيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ