حزقي ايل 47:9 - Muslim Sindhi Bible9 سو ائين ئي ٿيندو جو جتان بہ هيءَ ندي وهندي، اتي زندگي بخشيندي. هر ساهوارو انهيءَ مان زندگي حاصل ڪندو ۽ ان ۾ تمام گھڻيون مڇيون ٿينديون. انهيءَ سان کاري سمنڊ جو پاڻي ايترو تہ مٺو ٿي ويندو جو အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible9 ۽ هيئن ٿيندو تہ جتي نديون اينديون اُتي سڀ ساهہ وارا جيئرا رهندا ۽ تمام گهڻيون مڇيون ٿينديون: ڇالاءِ جو اُهي پاڻي اتي آيا آهن تہ سڀ شيون شفا حاصل ڪن، ۽ جتي جتي ندي ايندي اُتي سڀڪا شيءِ جيئري رهندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“