Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 47:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ اهو ماڻهو اوڀر طرف هلندي ماپ واري ڪاني سان وهندڙ واهيءَ جي ماپ وٺندو هليو. هن پنج سؤ ميٽر ماپڻ کان پوءِ مون کي پاڻيءَ مان لنگھڻ لاءِ چيو. مون ڏٺو تہ اتي پاڻي رڳو منهنجي پيرن جي مُرن تائين ٿي پهتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 جڏهن اُهو ماڻهو ڏوري هٿ ۾ کڻي اُڀرندي ڏانهن نڪري ويو، تڏهن هن هڪ هزار هٿ ماپيا ۽ مون کي پاڻين مان لنگهايائين، تہ پاڻي مرن جيڏا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 47:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو مون کي اڃا ويجھو وٺي ويو تہ ڇا ڏسان تہ اتي هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جو چهرو پتل جيان پئي چمڪيو. مون ڏٺو تہ انهيءَ جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سڻيءَ جي ڏوري ۽ ڪانو هو ۽ هو انهن عمارتن جي ٻاهرين لنگھہ وٽ بيٺو هو.


تڏهن اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي چوديواريءَ جي اتر واري لنگھہ کان ٻاهر وٺي آيو ۽ ٻاهرين رستي کان ڦيرائي هيڪل جي چوديواريءَ جي اوڀر واري لنگھہ وٽ آندائين. اتي ڇا ڏسان تہ انهيءَ لنگھہ جي ڏاکڻي پاسي کان پاڻيءَ جي هڪڙي ننڍي واهي وهي رهي آهي.


پوءِ هن وري پنج سؤ ميٽر ٻيا ماپ ڪيا ۽ مون کي پاڻيءَ مان لنگھڻ لاءِ چيائين. اتي پاڻي منهنجي گوڏن تائين ٿي پهتو. ساڳيءَ طرح هن پنج سؤ ميٽر ٻيا ماپيا ۽ مون کي پاڻيءَ مان لنگھڻ لاءِ چيائين. اتي پاڻي منهنجي چيلهہ تائين ٿي پهتو.


مون وري هڪڙي ٻي رويا ڏٺي، جنهن ۾ مون هڪڙي شخص کي پنهنجي اڳيان لنگھندي ڏٺو. سندس هٿ ۾ ماپ واري ڏوري هئي.


انهيءَ سبب جو خداوند ٿو فرمائي تہ ’آءٌ پاڻ انهيءَ جي حفاظت لاءِ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس ۽ آءٌ ئي منجھس رهي ان جو شان وَ شوڪت وڌائيندس.‘“


ڏسو، آءٌ اوهان تي پاڪ روح نازل ڪرڻ وارو آهيان، جنهن جو منهنجي پيءُ واعدو ڪيو آهي. پر جيستائين اوهان کي آسمان مان انهيءَ جي طاقت عطا نہ ٿئي تيستائين شهر ۾ رهجو.“


هو پنهنجي پيءُ يعني خدا جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان واعدي ڪيل پاڪ روح وٺي هن اهو اسان تي نازل ڪيو آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.


اهي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انهيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا.


پوءِ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ وڃي خدا جي هيڪل ۽ ان جي قربان‌گاهہ جي ماپ ڪر ۽ جيڪي اُن ۾ عبادت ڪن ٿا تن کي ڳڻ.


جنهن ملائڪ مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي، جنهن سان هو شهر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڪوٽ کي ماپي سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ