Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 47:20 - Muslim Sindhi Bible

20 اولهہ طرف واري سرحد ڀونوچ سمنڊ جو ڪنارو هوندي، جيڪا اتر طرف حمات لڪ جي اولهہ پاسي تائين هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ اُلهندي واري حد ٿيندي وڏو سمنڊ، ڏکڻ واري سرحد کان وٺي حمات جي گهڙڻ واري جاءِ جي آمهون سامهون تائين. اها آهي اُلهندي پاسي جي حد.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 47:20
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت سليمان ۽ ساڻس گڏ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن ست ڏينهن تنبن واري عيد بہ ملهائي. اتر طرف حمات لڪ کان وٺي ڏکڻ طرف مصر جي سرحد واري برساتي نهر تائين تمام گھڻا ماڻهو آيا هئا.


اتان بيروتي ۽ سبريم شهرن ڏانهن، جيڪي دمشق جي بادشاهت ۽ حمات جي بادشاهت جي علائقن جي وچ ۾ آهن، ويندي حصرهتيڪون تائين هوندي، جيڪو حوران علائقي جي سرحد تي آهي.


اهو ئي ملڪ آهي جيڪو اوهين پاڻ ۾ بني اسرائيل جي قبيلن مطابق ورهائيندا.


خداوند فرمايو تہ ”هر هڪ قبيلي کي ملڪ مان پنهنجو پنهنجو حصو ملندو، جيڪو اوڀر واري سرحد کان ويندي اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ تائين هوندو. انهن حصن جي ورهاست بني اسرائيل جي ملڪ جي اتر پاسي واري سرحد کان شروع ٿيندي، جيڪا ڀونوچ سمنڊ کان وٺي حتلون شهر جي رستي سان حمات لڪ کان ويندي حصرعينان شهر تائين هوندي، ۽ جنهن جي اتر ۾ دمشق ۽ حمات جا علائقا آهن. ملڪ جي اترئين علائقي ۾ جن قبيلن کي حصا ڏنا ويندا سي اتر واري سرحد کان ڏکڻ طرف ويندي ملڪ جي وچ واري حصي تائين هن ترتيب سان مقرر آهن: دان، آشر، نفتالي، منسي، افرائيم، روبن ۽ يهوداہ.“


تنهنڪري خداوند قادرِمطلق خدا ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! ڏسو، آءٌ اوهان جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي قوم چاڙهي آڻيندس، جيڪا اتر ۾ حمات جي لنگھہ کان وٺي ڏکڻ ۾ بيابان واري برساتي نهر تائين اوهان کي آزاريندي رهندي.“


سمنڊ جو ڪنارو اوهان جي لاءِ اولهہ واري سرحد ٿيندي.


جن قومن کي ڇڏيو ويو سي هي هيون: فلستين جا پنج سردار، سمورا ڪنعاني، صيداني ۽ حوي جيڪي لبنان جبلن جي قطار ۾ بعل‌حرمون جبل کان وٺي حمات لڪ تائين رهندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ