Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 47:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي چوديواريءَ جي اتر واري لنگھہ کان ٻاهر وٺي آيو ۽ ٻاهرين رستي کان ڦيرائي هيڪل جي چوديواريءَ جي اوڀر واري لنگھہ وٽ آندائين. اتي ڇا ڏسان تہ انهيءَ لنگھہ جي ڏاکڻي پاسي کان پاڻيءَ جي هڪڙي ننڍي واهي وهي رهي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تنهن کانپوءِ هو اُتر واري دروازي کان مون کي ٻاهر وٺي آيو، ۽ ٻاهرين رستي کان، ٻاهرين دروازي ڏانهن مون کي وٺي هليو، يعني انهي دروازي واري رستي کان جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي؛ ۽ ڏس، ساڄي پاسي کان پاڻي وهي ٿي نڪتا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 47:2
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اهو ماڻهو مون کي اندرين اڱڻ جي اتر واري لنگھہ وٽ وٺي آيو. هن ان لنگھہ جي ماپ ورتي، جيڪا بہ ٻين لنگھن جي ماپ جيتري هئي.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”هي لنگھہ بند رهندو ۽ ڪڏهن بہ نہ کلندو. هائو، ڪنهن بہ انسان کي انهيءَ مان اچڻ وڃڻ جي اجازت نہ هوندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهيءَ منجھان داخل ٿيو آهيان. سو اهو بند رهندو.


تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي اتر واري لنگھہ کان هيڪل جي عمارت جي اڳيان وٺي آيو. مون جيئن ئي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ خداوند جي هيڪل خداوند جي تجليءَ سان ڀري پيئي آهي. تڏهن آءٌ هڪدم منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيس.


پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون حزقي‌ايل کي موٽائي هيڪل جي عمارت جي دروازي وٽ آندو. اتي ڇا ڏسان تہ انهيءَ دروازي جي چانئٺ هيٺان ڏکڻ واري پاسي کان چشمي جو پاڻي نڪري هيڪل جي اڳيان اڳيان اوڀر طرف ڏانهن وهندي قربان‌گاهہ جي ڏکڻ کان ٿيندو اڳتي وهندو ٿي ويو.


پوءِ اهو ماڻهو اوڀر طرف هلندي ماپ واري ڪاني سان وهندڙ واهيءَ جي ماپ وٺندو هليو. هن پنج سؤ ميٽر ماپڻ کان پوءِ مون کي پاڻيءَ مان لنگھڻ لاءِ چيو. مون ڏٺو تہ اتي پاڻي رڳو منهنجي پيرن جي مُرن تائين ٿي پهتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ